سنڌ جا آبادگار ۽ جديد زراعت جون گهرجون

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

زراعت جهڙي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالوجي ۽ جديد زرعي تحقيق هڪ نئون زرعي انقلاب آندو آھي.جتي موسمياتي تبديلين سبب دنيا جي زراعت ڪيترن ئي مسئلن ۽ معاملن جو شڪار آھي اتي نئي تحقيق ۽ زرعي جدت به ڪوشش ۾ آھي ته زرعي معاملن ۽ زراعت جو بچاءَ ڪيئن ڪجي.دنيا جي آدمشماري جنهن تيزيءَ سان وڌاءَ جو سبب بڻي آھي انهيءَ تيزيءَ سان انساني کاڌ خوراڪ جون گهرجون به وڌيون آھن.انهن ضرورتن کي آڏو رکي جڏهن موسمياتي تبديلين واري اثر هيٺ آيل دنيا جي زراعت کي ڏسون ٿا ته زراعت ڪيترن ۽ نئين بيمارين جو شڪار پڻ آھي جنهن ڪري دنيا ۾ پراڻي زرعي طرز متاثر ٿيڻ جا وڏا امڪان آھن.ان ۾ خاص طور هن وچ ايشيائي ملڪن ۾ زراعي فصلن کي جيڪي بيماريون ظاهر ٿيون آھن، انهن ۾ نون قسمن جي زرعي جراثيمن سبب هر فصل ڪافي نئين بيمارين جو شڪار ٿئي ٿو.

هڪ رپورٽ موجب خود اسان جي زرعي سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن اهي خدشا ظاهر ڪيا آھن ته موسمياتي تبديلين ڪري سنڌ سميت پوري دنيا ۾ خوراڪ جي ڪمي ٿي سگهي ٿي.ان جو وڏو سبب موسمياتي تبديلن سبب پيدا ٿيندڙ نئي قسم جا اهي جيت ۽ جراثيم آھن جيڪي فصلن کي تيزيءَ سان  نقصان پهچائي رهيا آھن.ان سان زرعي مسئلا به وڌنڌا ۽ انهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ نئي جديد تحقيق جي ضرورت پوندي جنهن سان انهن بيمارين جو ٽوڙ نڪري

ڪجهه زرعي ماهرن جو چوڻ آھي ته اسان جي آبادگار ۽ هاريءَ کي به موجوده زرعي حالتن ۽ موسمياتي تبديلن کي سامهون رکي زرعي جدت کي سمجهڻو پوندو.ان لاءِ  جيڪو اهم جز سمجهڻ جو آھي سو پڻ هي آھي ته فصلن جي بهتر پيداوار ۽ پوکائيءَ لاءِ  روايتي طريقن کي ختم ڪري جديد طريقا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آھي.ان سلسلي ۾ ڀارت اسان جو پاڙيسري ملڪ آھي اسان جون زرعي آبهوا تقريبن هڪ جهڙي آھي.انهن وٽ رياست يو پي جي هڪ آبادگار جديد زرعي طريقا استعمال ڪندي ڪمند جهڙي پوکائيءَ کي ترجيح ڏني آھي جنهن سان هن ڪروڙين رپيا حاصل ڪيا آھن.همانشو ناٿ سنگھه جو چوڻ آھي ته هو ڪمند جي پوکائيءَ لاءِ جتي جديد طريقا استعمال ڪري ٿواتي هن نامياتي ڀاڻ،جديد زرعي مشينري ۽ پاڻيءَ جي بهتر استعمال سان ڪمند جي اپت ۾ واڌ آندي آھي. اهڙين خبرن اچڻ کان پوءَ مجموعي طور عام طور ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي زرعي پوکائي ۽ ان جي پيداوار کي ڏسون ٿا ته دنيا ۾ ايندڙ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ۽ انهنيءَ جي اثر کان بچڻ لاءِ ڪو خاص دفاعي پوزيشن نظر نه پئي اچي.

ان ڪري ملڪ ۾ زراعت کاتو ۽ سنڌ ۾ به خاص طور زراعت کاتو وڏو ڪم ڪار جي لائق پڻ آھي.سنڌ زراعت کاتي کان سهڪار وٺي،مدد وٺي زرعي پوکائيءَ کي بهتر به ڪري سگهجي ٿو ته اتي جديد تحقيق پٽاندڙ عمل کي اپنائيندي زرعي پيداور بهتر ڪري سگهجي ٿي.زراعت کاتي کي وقت سر جيڪي نتيجا ڏيڻ کپن ها سي ته ماضيءَ ۾ ناهي ڏئي سگهيو،پر هاڻي خود سنڌ حڪومت قومي توڻي عالمي ادارن جي سهڪار سان ڪيترائي جديد طرز زرعي پروگرام متعارف ڪرائي سنڌ ۾ زراعت جي واڌ ويجھه لاءِ ڪم ڪري رهي آھي.جنهن جا ڪيترائي مثال اڳتي هلي ڏئي سگهجن ٿا،جنهن ۾سنڌ زراعت کاتي جا ۽ عالمي فنڊيڊ ادارن جا پڻ انگ اکر سامهون ڏئي آبادگار ۽ هارين کي عرض رکبو ته هو انهن پروگرامن مان فائدو وٺن ،جيڪي پڻ آھن ئي سنڌ جي زراعت سان لاڳاپيل حلقن لاءِ جنهن ۾ هارين ۽ آبادگارن کي اولين ترجيح هوندي آھي.

سنڌ زراعت کاتو  جن منصوبن کي سنڌ جي زراعت جي بهتريءَ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري پئي ان کي هارين،آبادگارن ۽ زراعت سان لاڳاپيل مزدور ،ڪڙمي ۽ حلقن کي انهن مان فائدو وٺڻ کپي.جنهن ۾ عالمي ادارن جي فنڊنگ،قومي حڪومت جي سهڪار ۽ سنڌ حڪومت جي مالي تعاون سان هلندڙ هيٺيان پروگرام سنڌ جي زراعت جي بهتريءَ لاءِ ڪارآمد ٿي سگهن ٿا.زراعت کاتي جي آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ونگ جو اهم حصو آھي. زراعت جي تناظر ۾ سنڌ حڪومت کي زراعت سان واڳيل حلقن کي ملندڙ فائدا۔

سنڌ پاڪستان جو ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو صوبو آهي. آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿو ۽ انهن جي گذر سفر جو مکيه ذريعو زراعت آهي. زراعت جو شعبو سنڌ ۾ غريب ماڻهن لاءِ معاشي ترقي ۽ روزگار جو هڪ اهم محرڪ آهي. اهو صوبي جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي روزگار فراهم ڪري ٿو ۽ ان جي جي ڊي پي ۾ اهم حصو آهي.سنڌ حڪومت زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ پنهنجا وسيلا شروع ڪري رهي آهي ته جيئن زراعت برادري کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن.  زراعت کاتي سنڌ جي فارم واٽر مئنيجمينٽ ونگ مختلف اسڪيمن کي آسان بڻايو آهي، خاص طور تي واٽر ڪورسز جي بهتري، اعليٰ ڪارڪردگي آبپاشي نظام / ڊريپ آبپاشي نظام جي واڌاري ۽ تنصيب ذريعي آبپاشي جي پاڻي جي بچت لاءِ پاڻي جي ذخيري جي ٽينڪن جي تعمير، ليزر لينڊ ليولنگ ​​سامان جي فراهمي، ڪچن گارڊننگ ڪٽس جي فراهمي ۽ تنصيب، فارمر فيلڊ اسڪول جي قيام، ڊيپ ريپنگ سامان جي فراهمي،قدرتي دشمن ذخيرن جي قيام ونگ جو بنيادي مقصد آهي:

پاڻي جي وهڪري ۽ بخارات جي نقصان کي گهٽائڻ سان واٽر ڪورسز جي بهتري ذريعي پاڻي جي بچت.پاڻي جي بچت کي وڌائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي بهتر ڪيل واٽر ڪورسز جي اضافي لائننگ.هي اهي سلسلا آھن جيڪي سنڌ زراعت کاتو پڻ مهيا ڪري ٿو.انهيءَ پروگرامن ۽ منصوبن ۾ ادارتي سهڪار ۽ تعاون سان هلن ٿا۔ جتي زراعت کاتو هارين ۽ آبادگار ن جي فورمن کان ويندي صوبائي،قومي ۽ عالمي فورمن جو گهرجائو آھي.انهن گهرجن موجب زرعي پروگرام، منصوبا ۽ کوڙ سارا ڪم سرانجام ڏئي ٿو.جيڪي بلڪل به آبادگارن ۽ هارين سميت زرعي حلقن لاءِ وڏي آٿت پڻ آھن.ان ڪري ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته هارين ۽ آبادگارن جي تنظيمن کي گهرجي ته هو زراعت کاتي جي اهم اسٽيڪ هولڊرز سان رابطي ۾ اچي فائدو کڻڻ کپي.زراعت کاتو مختلف وقتن تي آبادگارن،کاتيدارن توڙي هارين لاءِ اهم پروگرامن جي آگاهيءَ لاءِ تشھير به ڪندو رهندو آھي.ان آگاهي تشهير ۽ پروگرامن وسيلي پنهنجي پروگرام  جي معلومات لاءِ لٽريچر ۽ سيمينار به ڪرايا ويندا آھن.سو ضروري آھي ته سنڌ جي سڀني زراعت سان لاڳاپيل حلقن هارين ،آبادگارن ۽ زرعي مزدورن کي کپي ته سنڌ زراعت کاتي جي اهم عوامي پروگرامن مان فيضياب ٿيڻ کپي.جيئن آن فارم واٽر مينيجمنٽ،سولر موو ايبل ٽرالي پروگرام،ڪچن گارڊن کان ويندي ٻيا مختلف منصوباآھن جيڪي پڻ هن جديد زرعي تحقيقاتي دور ۾ ڪار آمد ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.