ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان مهينو اڳ لاپتا ٿيل نوجوان ڊفينس جي رهواسي 23 سالن جي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا، مک جوابدار ارمغان جي گهر مان مليل رت جا نمونا مقتول جي ماءُ جي نمونن سان ميچ ٿي ويا. مصطفيٰ کي ارمغان جي گهر ۾ لوهه جي راڊ جا وار ڪري ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، رت قالين تي موجود هو. هوڏانهن قتل کان اڳ مصطفيٰ عامر جي مبينا آخري آڊيو رڪارڊنگ به سامهون آئي جنهن ۾ هو پنهنجي دوست کي چئي رهيو آهي ته مان ارمغان ڏانهن وڃي رهيو آهيان، تون به واندو ٿي اچي وڃ. سوال پيدا ٿئي ٿو ته مصطفيٰ جي دوست پوليس کي ڇو نه ٻڌايو ته هو ارمغان وٽ ويو هو ۽ پوليس مهينو چپ ڇو رهي هئي؟ مک جوابدار جي دوست شيراز اي ٽي سي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مصطفيٰ جو ارمغان سان ڇوڪري جي معاملي تي نئين سال جي موقعي تي جهيڙو ٿيو هو جنهن کانپوءِ 6 جنوري تي ارمغان مصطفيٰ کي بهاني سان گهر گهرائي بي رحماڻي نموني قتل ڪيو. سندس گاڏي ۾ لاش ڊگي ۾ وجهي بلوچستان جي علائقي دريجي ويجهو ويران جاءِ تي مصطفيٰ جي گاڏي تي پيٽرول هاري باهه ڏني وئي، ارمغان ۽ شيراز 3 ڪلاڪ پيادل هلڻ کانپوءِ لفٽ وٺي ڪراچي پهتا هئا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شيراز بخاري کي اي ٽي سي عدالت جي انتظامي جج جي عدالت پوليس پيش ڪيو. عدالت جوابدار کي 21 فيبروري تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جاچ عملدارن موجب جنهن ڇوڪري جي ڪري ارمغان ۽ مصطفيٰ ۾ جهيڙو ٿيو اها 12 جنوري تي پرڏيهه هلي وئي هئي، ڇوڪري کان انٽرپول ذريعي رابطي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڇوڪري تي جهيڙي کانپوءِ ارمغان مصطفيٰ ۽ ڇوڪري کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، ڪيس لاءِ ڇوڪري جو بيان ضروري آهي، ڪيس ۾ قتل جا قلم شامل ڪيا ويا. بلوچستان مان هٿ آيل لاش نمونا وٺي ايڌي حوالي ڪيو ويو هو. بلوچستان پوليس ڪراچي پوليس سان رابطو ڪري لاش هٿ اچڻ جو اطلاع ڏنو هو، بلوچستان ۾ پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪراچي پوليس موجب مقتول مصطفيٰ جو اصل موبائيل فون اڃا تائين ناهي مليو، جوابدارن کان وڌيڪ تفصيل ورتا ويندا. پريس ڪانفرنس ۾ ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر موجب پوليس کي جوابدار ارمغان جي گهر مان موبائيل ملي هئي جيڪا ڪيس ۾ اهم ڪڙي ثابت ٿي. ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي مصطفيٰ قتل ڪيس بابت چيو ته عدالتي حڪم کانپوءِ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ قبر ڪسائي ڪري سگهجي ٿي، وارث چاهين ته لاش پاڻ سان کڻي وڃي سگهن ٿا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مصطفيٰ عامر جو لاش سڙيل هو، لاش جو رڳو ڌڙ هو، هٿ پير ۽ مٿو موجود نه هو. لاش 4 ڏينهن ڪراچي جي سرد خاني ۾ رکيل هئي، 16 جنوري تي مواڇ ڳوٺ قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.
-
جج کي چئو مان ملڻ آيو آهيان: ارمغان جي پيءُ جا عدالت ۾ داٻا
ڪراچي: ٻڌڻي جي موقعي تي مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان جي پيءُ دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت ۾ گوڙ ڪيو، رڳو گوڙ ئي نه پر هن جج جي چيمبر ۾ گهڙڻ جي به ڪوشش ڪئي. جوابدار جي پيءُ ڪامران قريشي چيو ته وڃي جج کي چئو ته مان ملڻ آيو آهيان، ڪامران قريشي چيو ته منهنجي پٽ ارمغان جو ڪيس هلي رهيو آهي، مان جج سان ملندس، تون ڪير ٿيندو آهين مون کي روڪڻ وارو. جوابدار جي پيءُ عدالتي پوليس سان بدتميزي ڪندي چيو ته مان آمريڪي شهري آهيان، ڪامران قريشي پوليس ڪانسٽيبل رضوان کي ڌڪا ڏنا ۽ بدتميزي ڪئي. جوابدار جي پيءُ جي گوڙ سبب پوليس ۽ رينجرز جي نفري طلب ڪئي وئي، جوابدار ارمغان جو پيءُ صحافين سان ڪاوڙجي پيو. هن چيو ته گوڙ جي خبر ڇو هلائي؟ حق گهرڻ گوڙ هوندو آهي ڇا؟ پوليس بدتميزي ڪئي آهي، ٺيڪ آهي، گوڙ ڪرڻ اغوا کان بهتر آهي.
-
جاچ کان اڳ جوابدار جيل موڪلڻ انصاف خلاف آهي: پراسيڪيوٽر
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ جي اغوا کانپوءِ قتل واري ڪيس ۾ جوابدار ارمغان جي رمانڊ جي معاملي تي پراسيڪيوٽر جنرل جي درخواست منظور ڪري ورتي. پوليس پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي ذريعي جوابدار ارمغان جي رمانڊ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو. پوليس جي ڇاپو هڻندڙ ٽيم خلاف ايف آءِ آر جو آرڊر به چئلينج ڪيو ويو، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جوابدار کي جيل موڪلي ڇڏيو هو، اهو هڪ ڳنڀير نوعيت جو ڪيس آهي. جاچ شروع ٿيڻ کان اڳ جوابدار کي جيل موڪلڻ انصاف خلاف آهي، پوليس پارٽي خلاف ڪيس جو حڪم سمجهه کان مٿانهون آهي. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ استدعا ڪئي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي جج جو فيصلو ڪالعدم قرار ۽ جوابدار جي جسماني رمانڊ جي اجازت ڏني وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پراسيڪيوٽر جنرل جي درخواست منظور ڪندي 17 فيبروري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
-
مقتول جي ماءُ قبرڪشائي جي اجازت طلب ڪري ورتي
ڪراچي: مقتول جي ماءُ وجيهه عامر انڪشاف ڪيو ته مصطفيٰ کي مارڻ کانپوءِ ارمغان مارشا شاهد کي ٻڌايو ته هن مصطفيٰ کي ماري ڇڏيو، ڇوڪري 22 ڊسمبر 2025 تي آمريڪا مان واپس آئي هئي جيڪا آگسٽ 2024 ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا ويل هئي. ڇوڪري ۽ مصطفيٰ ۾ جهيڙي کانپوءِ ڇوڪري ئي ارمغان کي پٽ کي مارائڻ جو چيو هو، هوءَ منهنجي پٽ کي دوکو ڏئي رهي هئي، مقتول جي قبرڪشائي جي اجازت ڏني وڃي.