لاهور (معظم فخر) اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد طرفان روپوشي ختم ڪرڻ ۽ ڪرڪ ۾ احتجاجي ريلي جي اڳواڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن بعد تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۾ نئين ڌڙي جي ٺهڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. مراد سعيد جي گرفتاري عمران خان لاءِ نئين مشڪلات جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته 9 مئي سانحي ۾ کيس مرڪزي ملزم طور ڏٺو پيو وڃي. رياستي ادارا مراد سعيد کي قبولڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ جيڪڏهن هو قانون جي گهيري ۾ اچي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لاءِ به حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. ٻئي طرف شير افضل مروت جي پارٽي مان نيڪالي تي پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن، شندانه گلزار ۽ شهريار آفريدي اعتراض واريا آهن. شير افضل دعويٰ ڪئي آهي ته پارٽي جي اندروني معاملن، خاص طور تي فنڊن جي ورڇ ۽ موروثي سياست تي آواز اٿارڻ سبب کيس نيڪالي ڏني وئي. هن سوال اٿاريو آهي ته پرڏيهي پاڪستانين پاران عمران خان جي آزادي لاءِ گڏ ڪيل فنڊ ڪٿي آهن؟ ۽ انهن مان ڪهڙن وڪيلن کي ڪيتري رقم ملي؟ مراد سعيد جي تازن بيانن مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ قيادت هاڻي نئين حڪمت عملي اختيار ڪري رهي آهي. سوال اهو آهي ته هو احتجاجي ريلي ۾ ذاتي طور شرڪت ڪندو يا ورچوئل خطاب ڪندو؟ مراد سعيد جي واپسي ۽ احتجاجي سياست ۾ نئين تحرڪ سان تحريڪ انصاف جي سياست ۾ نئون رخ اچي سگهي ٿو، پر رياستي ادارن سان وڌندڙ ٽڪراءُ پي ٽي آءِ لاءِ نيون مشڪلاتون به پيدا ڪري سگهي ٿو.