جهوڪ شريف ( ن ع آ) سنڌو درياء تي ڇهن ڪئنالن خلاف جسقم جو سکر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ جهوڪ شريف پهتو ڌرتي جي عاشقن جو گلابن ۽ اجرڪن سان استقبال ڪيو ويو.سنڌو درياء تي ڇهن ڪئنالن گرين پاڪستان ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جسقم آريسر جو سکر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ جهوڪ شريف پهتو جتي قومپرست ڪارڪنن صحافين ۽ شهرين صوفي حضور بخش، شاهنواز جتوئي، علي اڪبر، غلام قادرجتوئي، يوسف جاني ۽ ٻين کين گلاب جا گل ۽ اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، عثمان پنهور، ڪرن نظاماڻي ۽ ٻين کي اجرڪون اوڍايون ويون جنهن کانپوء پيادل مارچ صوفي شاھ عنايت جي درگاھ تي پهتو جتي سنڌ جي حقن جي جدوجهد جو وچن ڪيو ويو. ٻئي طرف پيادل مارچ جهوڪ شريف جي مين بس اسٽاپ تي پهتو ته جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو باشعور عوام ڪڏهن به سنڌو درياء تي ڪئنال قبول نه ڪندو. سنڌودرياء تي شرعي اخلاقي ۽ قانوني طور تي سنڌين جو حق آهي. سنڌو تي وڌيڪ ڪئنال ٺاهي سنڌين جو پاڻي بند ڪيو ويو اسان جون لکين ايڪڙ زرخيز زمين بنجر ٿي ويندي. هنن چيو ته اسان سنڌي قوم ۽ سنڌ جو شعور هاڻ سجاڳ ٿي چڪو آھي. 23 فيبروري تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي وفاق کي سنڌ دشمن منصوبا رد واپس وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو .