ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا سرڪاري ملازمت لاءِ عمر جي حد ۾ پنجن سالن جي رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيرن، صلاحڪارن ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سنڌ ڪابينا يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ان کان اڳ گورنر سنڌ بل تي اعتراض واريندي ان کي واپس اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو، جڏهن ته هن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سربراهن جي مقررين تي به اعتراض واريو ويو هو.
ان کانسواءِ سنڌ ڪابينا سرڪاري ملازمت لاءِ عمر جي حد ۾ پنجن سالن جي رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، سرڪاري ملازمت لاءِ اڳ ۾ به عمر جي حد ۾ پنجن سالن جي رعايت هئي، جيڪا ختم ڪئي وئي هئي، هاڻ ٻيهر ان جي منظوري ڏني وئي آهي.
You might also like