چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ انگلينڊ جو اهم بيٽر فٽ، ٽورنامينٽ کيڏندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم بيٽر بين ڊڪيٽ فٽ قرار ڏنو ويو آهي ۽ هو ٽورنامينٽ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب، بين ڊڪيٽ ڀارت خلاف ٽِين ون ڊي دوران انجري جو شڪار ٿيو هو، سندس گروئن انجري جو اسڪين ڪرايو ويو، جنهن کان پوءِ ڊڪيٽ جي دستيابي ۽ فٽنيس جي تصديق ڪئي وئي.
ياد رهي ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 18 فيبروري تي پاڪستان پهچندي، جڏهن ته 22 فيبروري تي آسٽريليا خلاف پنهنجي پهرين ميچ لاهور ۾ کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.