شاعر آڪاش انصاري جي موت وارو معاملو شڪي ٿي ويو، جاچ شروع

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قاسم آباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ باهه لڳڻ سبب ناليوارو انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس موت کي شڪي قرار ڏنو پيو وڃي.
رپورٽ موجب، باهه لڳڻ دوران شاعر جو پُٽ معمولي زخمي ٿيو. باهه گهر جي هڪ ڪمري ۾ لڳي، جتي آڪاش انصاري آرامي هو.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمري ۾ هِيٽر به هلي رهيو هو، جڏهن ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.
ريسڪيو عملدارن موجب، آڪاش انصاري جي پُٽ لطيف انصاري کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.
پهريان خانداني ذريعن ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جنازي نماز ۽ تدفين بدين ۾ ڪئي ويندي، سندس مڙهه حيدرآباد مان بدين نيو پيو وڃي، جتي شام پنجين وڳي جنازي نماز کانپوءِ تدفين ٿيندي.
بعد ۾ پوليس ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه بدين وٺي ويندڙ وارثن کي واپس حيدرآباد سڏائي ورتو ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ويجهن دوستن سندس قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.
پوليس موجب، وارث شروعاتي طور بنا پوسٽ مارٽم جي تدفين لاءِ بدين روانا ٿي ويا هئا، پر هاڻي لاش کي طبي معائني لاءِ واپس آندو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ سندس پُٽ لطيف انصاري وچ ۾ اختلاف هلندڙ هئا.
حيدرآباد پوليس موجب، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي پُٽ لطيف انصاري خلاف ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گهر ۾ موجود لطيف انصاري باهه واري واقعي کي شارٽ سرڪٽ جو نتيجو قرار ڏنو هو.

وڏي وزير پاران واقعي جا تفصيل طلب
ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
وڏي وزير مقامي عملدارن ۽ جاچ ادارن کي واقعي جي ترت جاچ ڪرڻ ۽ مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جون ادبي ۽ ثقافتي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، هو سنڌي ادب جو روشن ستارو هو، جنهن جي شاعري عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي.
وڏي وزير دعا ڪئي ته رب العالمين مرحوم آڪاش انصاري جا درجا بلند ڪري، ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.

شاعر آڪاش انصاري جو موت، معاملي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم
هوڏانهن ناليواري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ٽيم جوڙي وئي آهي
ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ٽيم جوڙي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، جاچ جي اڳواڻي ايس پي هيڊڪوارٽر مسعود اقبال ڪندو.
ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي ته معاملي جي سمورن پاسن جو جائزو ورتو وڃي.

سنڌ جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪمهلي وڇوڙي تي سنڌ جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي.
سوشل ميڊيا تي سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وڇوڙي تي پونئرن سان ڏک جو اظهار ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.