نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ۽ خيرپور ۾ ٻن بسن کي پيش ايندڙ حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب، نوابشاهه ۾آمري روڊ تي فوحل زرداري ڳوٺ جي ويجهو پانڌيئڙن جي وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي اسپتال نيو ويو آهي، پانڌيئڙا شهباز قلندر جي عرس تي وڃي رهيا هئا.
ٻئي پاسي خيرپور ۾ به قومي شاهراهه تي راڻيپور جي ويجهو زائرين کي کڻي ويندڙ ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 7ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، حادثي جو شڪار ٿيندڙ مسافر ڪوچ پنجاب کان سيوهڻ وڃي رهي هئي.
قلندر شهباز جي عرس ۾ ويندڙ پانڌيئڙن جون ٻه بسون حادثي جو شڪار، 16 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
You might also like