فهيم اشرف جي سليڪشن تي رضوان ڪاوڙيل، وڏو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي به بابر اعظم کي اوپنر طور کيڏائڻ جي سليڪشن ڪميٽي جي فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
ٽه ملڪي سيريز دوران پاڪستان ٽن ميچن ۾ بابر اعظم کي فخر زمان سان اوپننگ ڪرائي، پر هو ڪا خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، هن ٽنهي اننگزن ۾ ترتيب وار 10، 23 ۽ 29 رنسون ٺاهيون.
يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي باسط علي ٽيم مينيجمينٽ جي فيصلن تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته بابر اعظم کان اننگز اوپن ڪرائڻ جو مشورو ڪنهن ڏنو؟ هو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽئين نمبر تي سٺو کيڏي رهيو هو، پوءِ پوزيشن ڇو بدلائي؟
باسط علي دعويٰ ڪئي ته ڪپتان محمد رضوان اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر فهيم اشرف کي شامل ڪرڻ تي خوش نه هو، ان ڪري فهيم کي رڳو ٻه اوور ڏنا ويا، جڏهن کيس ٻيهر بالنگ ڏني وئي تيستائين پاڪستان ميچ هارائي چڪو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.