بيجنگ ( ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چين تاريخ ۾ ڪنهن به قابض ملڪ جو ڪردار ادا ناهي ڪيو، چين ٻين ملڪن ۾ مداخلت ناهي ڪندو ، چين جي ترقي مان خوفزده نه ٿيڻ گهرجي.
چين جي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ ڳالهائندي هن چيو ته پاڪ-چين دوستي صرف سٺن وقتن جي نه آهي پر سدا بهار دوستي آهي.
صدر موجب، پاڪستان ۽ چين ويجها پاڙيسري آهن، سڀني حالتن ۾ دوست رهيا آهيون، پاڪستان چين جي ترقي ۽ پنهنجي جاگرافي مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، چيني عوام سان محنت ڪندا آهيون، چين سان گڏ بيٺل رهنداسين.
صدر چيو ته چيني صدر مضبوط ۽ مستقل مذاج آهي ۽ عالمي حالتن جي سمجهه رکي ٿو. پاڪ چين لاڳاپا تاريخي ۽ نسلن تي ٻڌل آهن، صدر شي جن پنگ جي سياسي فلسفي ۽ طرز حڪمراني جي تعريف ڪيان ٿو.
هن چيو ته چين صدر شي جن پنگ جي اڳواڻي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، چين جي ترقي دنيا لاءِ مثال آهي.
هن جو چوڻ هو ته چين تاريخ ۾ ڪڏهن به قابض ملڪ جو ڪردار ادا ناهي ڪيو، چين ٻين ملڪن ۾ مداخلت ناهي ڪندو، چين جي ترقي مان ڊڄڻ نه گهرجي، چين سان لازوال دوستي تي يقين رکون ٿا، چين سان رابطا، رستا ۽ مواصلات وڌيڪ بهتر ۽ پائيدار بڻائڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته چين زرعي شعبي ۾ پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو، پاڪستان جي ذرعي شعبي جي في ايڪڙ پيداواري صلاحيت چين جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، پاڪستان ۾ چين جي لاءِ خاص انڊسٽريل پارڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماحُوليات، آبپاشي سميت مختلف شعبن ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ چين جي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن جا خواهشمند آهيون.
صدر چيو ته چين جي ترقي خطي جي مفاد ۾ آهي، چين جي خلائي شعبي ۾ ترقي نئين ناهي، پاڪستان چين سان گڏ خلائي شعبي ۾ پنهنجو صلاحيتون وڌائي رهيو آهي، شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندي، اسان جو ڌيان پاڪستان جي استحڪام تي کتل آهي، چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پهرين ترجيح آهن.
You might also like