راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين ۾ 15 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي هٿالا ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن دوران خارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ 9 خارجين کي ماريو ويو، جن ۾ خارجي گروهه جو سربراهه فرمان عرف ثاقب به شامل آهي، مارجي ويل خارجي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هئا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ ڪئي، جنهن ۾ 6 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته مقابلي ۾ 4 جوان به شهيد ٿيا.
Prev Post
You might also like