ملڪ ۾ سون يڪدم هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ يڪدم وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 4 هزار 7 سئو رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک هڪ هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 4030 رپيا لاٿ بعد 2 لک 58 هزار 487 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 50 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 2 هزار 8 سئو 83 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.