لاهور (ويب ڊيسڪ) اوپنر احمد شهزاد ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست تي قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان تي ٻاراڻا فيصلا ڪرڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پاڪستان جو 243 رنسن جو هدف ڪيويز 46هين اوور ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ميچ جي پڄاڻي بعد پنهنجي يوٽيوب چئنل تي احمد شهزاد محمد رضوان جي ڪپتاني جي طريقيڪار تي سوال اُٿاريندي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.
احمد شهزاد محمد رضوان جي فيصلن کي ٻاراڻو قرار ڏيندي چيو ته ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر هو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ رات جو پچ وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿيندي آهي ۽ بالرن کي بال تي پڪڙ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اوهان ميچن ۾ وڏيون غلطيون ڪري رهيا آهيو، ڪيچ ڇڏي رهيا آهيو ۽ بالر محنت ڪندي نظر نه پيا اچن.
Next Post
You might also like