شاعر آڪاش انصاري جو موت، معاملي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ٽيم جوڙي وئي.
حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني واري علائقي ۾ گهر کي باھه لڳڻ سبب سنڌ جو مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو.
ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جي جاچ لاءِ پنج رڪني ٽيم جوڙي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، جاچ جي اڳواڻي ايس پي هيڊڪوارٽر مسعود اقبال ڪندو.
ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي ته معاملي جي سمورن پاسن جو جائزو ورتو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.