جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران عالمي ڏهاڙي تي سنڌو سان محبت جو اظهار، ريلي

ڄامشورو( رپورٽر: صدر الدين جوڻيجو ) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران پارٽي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، فراز سنڌي، قادر بخش زئور، امتياز ميراڻي، لطيف ملاح، وسيم جاکرو، انور بڙدي، وقار ميراڻي، صحافي نعمت کهڙو، لونگ ملاح، ايڊووڪيٽ غلام نبي چانڊيو، ۽ شام خان سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو مين روڊ  کان ريلي ڪڍي المنظر وٽ سنڌو نديءَ جي پيٽ ۾ گل ڇٽڪاري دريا سان محبت جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سنڌوءَ هڪ تاريخي ۽ تهذيبي نديءَ آهي، جنهن تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي ڪابه رٿا قبول نه آهي. نواز ليگ ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت درياھ کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهي آهي. وفاقي حڪومت ۽ ارسا پنجاب جي ڌر ٿي ويا آهن، جن جي مدد سان پنجاب سنڌو درياھ تي قبضي جا منصوبا جوڙي رهيو آهي. ارسا سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ انگن اکرن جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري رهي آهي. چولستان ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال لاءِ ارسا پاران سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ارسا جي اختيارين ۾ ناهي. ارسا سندس اختيارين کان مٿانهان قدم کڻي رهي آهي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سنڌو دريا سميت ان جي ڀرتو ندين تي ڪئنالن ۽ ڊيمن کي رد ڪريون ٿا. پاڻي جي نين رٿائن سان سنڌ جي زراعت، ماحوليات، ايڪو سسٽم، ڊيلٽائي علائقا ۽ سموري جيوت تباهي جي ور چڙهي ويندي. جنهن کي بچائڻ جي ضرورت آهي. قومي پارٽي پاران محبت جو هي اظھار درياھ کي بچائڻ واري جدوجهد جو حصو آهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ساليانو 10ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.