اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان، ٽرمپ-مودي ملاقات جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ پاڪستان حوالي کي هڪ طرفو، ورغلائيندڙ، حيرت جوڳو ۽ سفارتي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو هو ته هو ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ حملن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ پنهنجي سرزمين سرحد پار دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي ڀارت منتقل ڪرڻ تي شديد خدشا آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل سهڪار باوجود اهڙي بيان جو اچڻ حيران ڪندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪنهن به گڏيل بيان ۾ اهڙا حوالا شامل ڪرائي پنهنجي دهشتگردي جي حمايت، محفوظ ٿاڪن ۽ ملڪ کان ٻاهر عدالت کان مٿانهين قتل عام کي نٿو لڪائي سگهي. ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان، ڀارت ۽ آمريڪا جي گڏيل پڌرائيءَ کي بي بنياد، غلط ۽ سفارتي قدرن جي ڀڃڪڙي ورزي سمجهي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب متاثر ٿيل ملڪ هجڻ جي ناتي عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي ان بيان کي به رد ڪري ٿو، جنهن ۾ هن فلسطيني عوام کي سعودي عرب منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.ترجمان موجب، ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي پاڪستان دوري دوران پاڪ-ترڪ قبرص جي عوام جي حمايت جو عزم ورجايو، جڏهن ته ترڪيه ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي.