ڊاڪٽر شاهنواز قتل تي پوليس ۽ سي آءِ اي خلاف ڪارروائي جو حڪم

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) عدالت ميرپورخاص  ۾ پوليس مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي قتل جي ايف آءِ آر ڪالعدم قرار ڏيندي سنڌ پوليس، سي آءِ اي پوليس ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.  عدالت جڊيشل مئجسٽريٽ ٽين ساجد اقبال جي عدالت پاران جاري ڪيل فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي پوليس مقابلي کي جعلي قرار ڏيندي سيڪشن 182 تحت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ جعلي مقابلي ۾ ملوث سي آءِ اي آفيسر  ۽ ان جي سموري ٽيم ۽ ٻن شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.   ڪورٽ   طرفان ڪارروائي لاءِ خط به لکيو ويو آهي، عدالت ايس ايڇ او سنڌڙي ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي به قلم 182 تحت ڪارروائي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.