لاڙڪاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو مارچ، تڙپي تڙپي مرڻ کان بھتر آھي تہ سنڌو لاءِ اٿون: زينت سمون

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد  ابڙو) سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف لاڙڪاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت  خاصخيلي، صائمه لاشاري، شمائلہ لاڙ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر سڪندر لاشاري، ايڊووڪيٽ شبير جتوئي، جميل لاڙ، جميل ميمڻ ذيشان کوکر، علي رضا ميمڻ، اشرف پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جناح باغ چوڪ  کان قائد عوام پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سوداگر ۽ ڪرپٽ حڪمران سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي، ڪئنال ٺھي ويا تہ سڄي سنڌ موهن جو دڙو بنجي ويندي، سنڌو درياھ ويو ھليو تہ فصل ختم ٿي ويندا، لکين ماڻھو بک ۽ اڃ مري ويندا، تڙپي تڙپي مرڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي درياھ لاءِ اٿون ۽ جدوجھد ڪري بچايون، سنڌ جون نياڻيون، نوجوان، ھاري ۽ پورھيت رستن تي اچو ۽ پنھنجي درياھ کي بچايو، ھي وقت جھدوجھد ڪري پنھنجو درياھ بچائڻ جو آھي، جيئن اسان ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نہ ڏنو ائين ڪئنال بہ ٺاھڻ نہ ڏينداسين، پيپلز پارٽي عوام کي ڪوڙا دلاسا ۽ دوکا ڏنا آھن، ووٽ وٺڻ کانپوءِ عوام ياد ناھي،  لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد ۽ ٻيا ضلعا ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي حوالي آھن، لاڙڪاڻي ۾ 2 واپارين کي ٽارگيٽ ڪري گوليون ھنيون ويون، شڪارپور ۾ سماج لاءِ متحرڪ شخص کي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو ويو، هنن چيو ته 17 سالن کان اقتدار ۾ ويھاريل پ پ حڪومت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين، ڪينجھر، ڪارونجھر، گورک، تيل، گئس، ڪوئلي سميت سمورن وسيلن جا سودا ڪري ڇڏيا آھن، سنڌو درياھ تي ڌاڙن سبب سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.