اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائمز وقارالدين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سائبر ڪرائم هڪ انتهائي ڏکيو معاملو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وقارالدين ٻڌايو ته سائبر ڪرائمز جي نون رجحانن کي نظر ۾ رکندي انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي وڃي ٿي.
هن چيو ته سائبر ڪرائم تمام ڏکيو مسئلو آهي، سندن کاتو غيرقانوني طور تي پرڏيهي سمون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهيو آهي.
ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائمز ٻڌايو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ برطانيا جون سمون استعمال ٿي رهيون آهن، غيرقانوني موبائيل سمون ڏوهن لاءِ استعمال ٿين ٿيون، جڏهن ته اڳواٽ ايڪٽيويٽ ڪيل برطانوي سمون آن لائن آرڊر تي آسانيءَ سان دستياب آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز به آن لائن آرڊر ڏيڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا ۽ اهي سمون چائلڊ پورنو گرافي ۽ آن لائين مالي فراڊ ۾ به استعمال ٿي رهيون آهن.
وقارالدين جو چوڻ هو ته دهشتگرد ڪنهن نه ڪنهن ذريعي رابطي لاءِ وسيلو اختيار ڪندا آهن، پرڏيهي سمون به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، بهرحال پاڪستان جي سلامتي ۽ قانون جي پاسداري پهرين ترجيح آهي.
You might also like