سنڌو نه بچائي سگهياسين ته سنڌ به نه بچندي:صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ديدار شام،ايڊووڪيٽ نواب بڙدي سان گڏ لوھاڻو ھوم قاسم آباد پهچي سينيئر  وڪيل اندر جيت لوهاڻي سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد جي سلسلي ۾ 23 فيبروري تي ڪشمور ضلعي ۾ ڊيرا موڙ تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو، هن چيو ته جيڪڏھن اسان درياھ کي بچائي نه سگھياسين ته سنڌ به بچي نه سگهندي، تنهن ڪري درياھ کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ جڏهن ته 14 فيبروري تي محبتن جي عالمي ڏينهن کي سڄي سنڌ ۾ شهيد بشير خان قريشي جي نانءُ ڪري ملهايو ويندو، جنهن سلسلي ۾ مُک تقريب رتوديرو ۾ ٿيندي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.