”ذهني بيماري سان جهيڙيندي آپگهات جا خيال ايندا هئا“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار دپيڪا پاڊوڪون انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪجهه سال اڳ شديد ڊپريشن جو شڪار رهي، جنهن دوران هو آپگهات بابت سوچڻ لڳي هئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ انٽرويو دوران دپيڪا پنهنجي ڊپريشن ۽ ان تي ظابطو آڻڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن ٻڌايو ته 2014 ۾ ممبئي ۾ رهڻ دوران ڊگهي عرصي تائين ڊپريشن ۾ مبتلا رهي ۽ ان وقت کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ساڻس ڇا ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته هوءَ بيوس ۽ نااميد محسوس ڪري رهي هئي، پر سڀ کان پهرين سندس ماءُ هن جي حالت ۾ تبديلي محسوس ڪئي.
اداڪارا چيو ته ماءُ کي منهنجي روئڻ جي انداز مان اندازو ٿيو ته مان ڪنهن وڏي مسئلي مان گذري رهي آهيان ۽ مونکي مدد گهربل آهي.
دپيڪا جو چوڻ هو ته ڊپريشن ظاهري طور نظر نه ايندڙ حالت آهي، ڪيترائي ماڻهو عام زندگي ۾ خوش نظر اچن ٿا، پر اندر ئي اندر تڪليف ۾ هوندا آهن.
هن ٻڌايو ته سندس ماءُ کيس نفسياتي ماهر سان صلاح ڪرڻ جو مشورو ڏنو، جنهن بعد هن باقاعده علاج شروع ڪيو ۽ ذهني بيماري تي قابو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.