اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ميٽرڪ جي سالياني امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويو، امتحان رمضان المبارڪ ۾ شروع ٿيندا.
فيڊرل بورڊ تحت ميٽرڪ جي سالياني امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت امتحان 18 مارچ کان شروع ٿيندا، جڏهن ته 28 مارچ کان 3 اپريل تائين امتحانن ۾ وقفو هوندو.
عيدالفطر جي موڪلن کانپوءِ پهريون امتحان 4 اپريل تي ٿيندو، جڏهن ته پريڪٽيڪل 28 اپريل کان شروع ٿيندا.
فيڊرل بورڊ موجب امتحاني مرڪزن ۾ موبائل فون ۽ سمارٽ واچ آڻڻ جي پابندي هوندي.
You might also like