ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري مختلف دوائون جعلي هجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جن ڪمپنين جون دوائون پڪڙيون ويون، انهن جو وجود ئي ناهي.
ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جعلي دوائن جي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري مختلف دوائون جعلي هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي سربراهه عدنان رضوي ٻڌايو ته 7 جعلي ڪمپنين جون دوائون پڪڙيون ويون، جن ڪمپنين جون دوائون پڪڙيون ويون، انهن جو وجود ئي ناهي.
هن چيو ته جعلي دوائون ٺاهيندڙ انساني زندگين سان کيڏي رهيا آهن، ذميوارن خلاف ڊرگ ايڪٽ تحت ايڪشن ٿيڻ گهرجي.
You might also like