ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته مداح کيس ” ڪنگ شنگ “ چوڻ بند ڪن.
ٽه ملڪي سيريز جي اهم مقابلي۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف پاڪستان ٽيم جي ڪاميابي کانپوءِ ڳالهائيندي بابر اعظم چيو آهي ته مون کي ”ڪنگ شنگ“ چوڻ بند ڪريو.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته مان اڃا ڪو بادشاهه نه آهيان، جڏهن ڪرڪيٽ ڇڏيندس تڏهن ڏسنداسين.
هن چيو ته هو جڏهن به بيٽنگ لاءِ ويندو آهي ته وڏو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر بدقسمتي سان اننگز فنش نه پيو ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ رضوان ۽ سلمان بهترين راند کيڏي، اهڙي ڪارڪردگي سان ٽيم جو اعتماد وڌندو آهي.
بابر اعظم جو چوڻ هو ته اوپننگ منهنجي لاءِ نئون رول آهي، جنهن کي ٽيم جي ضرورت تحت قبول ڪيو آهي. هن چيو ته جڏهن بيٽر وڪيٽ تي سيٽ ٿي ويندو آهي ته راند کي هلائڻ ۽ پچ کي سمجهڻ آسان ٿي ويندو آهي، پر مان سيٽ ٿيڻ باوجود آئوٽ ٿي رهيون.
هن وڌيڪ چيو ته مان پاڻ کان پڇندو آهيان ته هن صورتحال مان ڪيئن نڪرڻو آهي؟ جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اها ماضي جو حصو ٿي وئي، اڳتي وڌڻ لاءِ نئين سوچ ۽ حڪمت عملي تحت کيڏڻ ضروري آهي.
Prev Post
You might also like