ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 4 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2144 رپيا واڌ سان 2 لک 60 هزار 631 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 25 ڊالر چاڙهه بعد 2913 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
Next Post
You might also like