يوٽيوب ۾ هٿرادو ذهانت جا نوان ٽولز متعارف، وڏي حد تائين سولايون ٿي ويون

يوٽيوب ۾ هلندڙ سال دوران هٿرادو ذهانت ( اي آئي) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا ويندا.

يوٽيوپ جي چيف ايگزيڪٽو نيل موهن پنهنجي سالياني خط ۾ ٻڌايو ته 2025 ۾ اي آئي ٽيڪنالوجي ڪمپني جي چئن وڏين ترجيحن مان هڪ آهي.

هن ٻڌايو ته ڪمپني طرفان تخليقڪارن لاءِ اي آئي ٽولز تي وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، جئين واهپيدارن کي وڊيوز جي مواد بابت مشورا ڏيڻ، سٺي ٿنڀ نيلز جي چونڊ ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ٻولين جو ترجمو ڪرڻ جهڙا اي آئي ٽولز متعارف ڪرايا ويندا.

ترجمي وارو فيچر انهن سڀني واهپيدارن لاءِ موجود هوندو جيڪي يوٽيوب جي پارٽنر پروگرام جو حصو آهن ۽ ان کي فيبروري ۾ ئي ڪنهن به وقت متعارف ڪرايو ويندو.

ڪمپني موجب هڪ وڏي اي آئي فيچر تي به ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن جي عمرن جي سڃاڻپ ڪري ان موجب مناسب مواد جون سفارشون ڪندو.

واضح رهي ته گذريل مهينن دوران يوٽيوب طرفان ڪيترائي اي آئي فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن جئين شارٽ وڊيوز ۾ ميوزڪ جي واڌ، وڊيو بيڪ گرائونڊز ۽ ٻيا.

ڪمپني موجب مختلف اي آئي ٽولز تخليقڪارن کي نئين ڏسندڙن تائين پهچ ۾ مدد فراهم ڪندا جن ۾ آٽو ڊبنگ ذڪر جوڳيو آهي. جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجي وڊيوز جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهن ٿا.

پنهنجي خط ۾ نيل موهن چيو ته هي  فيچر فيبروري ۾ واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.

اهڙي ريت ڪمپني طرفان اهڙن ٽولز تي به ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪي اهو ڏسڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪم ڪندا ته يوٽيوب تي اي آئي کي ڪئين استعمال ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.