ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جي حوالي سان گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
صوبائي گهرو وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪچرو کڻندڙ ۽ ضروري هيوي گاڏين کانسواءِ ٻي هيوي ٽريفڪ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ضياءُ الحسن لنجار اجلاس ۾ چيو ته هيوي ٽريفڪ رات 11 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين روڊ تي اچي سگهندي، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي گاڏين جي ٽيگنگ ڪرائي پئي وڃي، هيوي گاڏيون 15 ڏينهن ۾ ٽيگنگ يا رجسٽريشن ڪرائين نه ته چالان ٿيندو.
هن چيو ته ٽريفڪ جي نظام کي بهتر ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جو ڪمشنر هدايتون جاري ڪندو، ڪراچي ۾ جيڪو به روڊ بلاڪ ڪندو ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
You might also like