لاهور (ويب ڊيسڪ) عورت مارچ لاهور چيپٽر هلندڙ سال لاءِ پنهنجو چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ عورت مارچ ۽ خواتين محاذ عمل پنهنجي مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪيو ۽ ايجرٽن روڊ تي ڌرڻو هنيو.
خواتين محاذ عمل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو، جنهن ۾ عورتن تي جنسي تشدد جي خاتمي، شادي ۽ طلاق جي قانونن ۾ تبديلي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪم وارين جاين تي عورتن کي سٺو ماحول ڏنو وڃي، ساک کي نقصان پهچائڻ جي ايڪٽ 2024 ۽ قلم 144 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
Prev Post
You might also like