اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت گريڊ هڪ کان 22 تائين جون 11 هزار 877 جايون ختم ڪري ڇڏيون، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ختم ڪيل جاين جا تفصيل پارليامينٽ کي فراهم ڪري ڇڏيا.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب گريڊ هڪ کان 18 تائين 11 هزار 746، جڏهن ته گريڊ 19 کان 22 تائين 113 جايون ختم ڪيون ويون آهن.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو چوڻ آهي ته ڪابينا آگسٽ 2024 ۾ 60 سيڪڙو خالي ريگولر جاين کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڪابينا جي فيصلي تحت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنز مان جايون ختم ڪيون ويون.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب گريڊ 20 جون 26، گريڊ 19 جون 85، گريڊ 18 جون 135، گريڊ 17 جون 445، گريڊ 16 جون 552 جايون ختم ڪيون ويون آهن.
You might also like