سنڌ جي بزرگ ھستي حضرت عبدالله شاهه اصحابي جو 386هون ساليانو عرس شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي عظيم بزرگ حضرت عبدالله شاهه اصحابي جو 386هون ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ مڪلي ۾ شروع ٿي ويو.
صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاهه شيرازي، صوبائي سيڪريٽري اوقاف جاويد صبغت الله مھر، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف فرخ شھزاد قريشي، ايڊمنسٽريٽر اوقاف ڊاڪٽر نور احمد پهوڙ، مئنيجر اوقاف گُل حسن چوھاڻ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو ۽ ٻين سان گڏ درگاهه تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو باقائده افتتاح ڪيو.
چادر چاڙهڻ بعد ملڪ جي سلامتي، استحڪام، خوشحالي ۽ امن لاءِ دعا گهري وئي.
ان موقعي تي سيد رياض حسين شاهه شيرازي صحافين سان ڳالھائندي چيو ته سنڌ صوفي بزرگن ۽ درويشن جي سرزمين آهي، جن هميشه پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، سندن تعليمات تي عمل ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
هن چيو ته درگاھون روحانيت ۽ فيض جون نديون ۽ اسان سڀني جو قيمتي اثاثو پڻ آهن، ٺٽو پرامن ضلعو آهي، باوجود عرس جي مناسبت سان سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته درگاهن تي زائرين ۽ عقيدتمندن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اوقاف کاتي جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، زائرين جي سهولت لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ، پيئڻ جي صاف پاڻي، وضو، واش روم، مسافر خاني، لنگر سميت ٻيا سمورا گهربل انتظام ڪيا ويا آهن.
صوبائي وزير چيو ته درگاهه حضرت عبدالله شاهه اصحابي تي ڪم لاءِ ٻه ملين رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ٺٽي ۾ لائبرري کي ڊجيٽلائيز بڻائڻ لاءِ پڻ 18 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آھن ته جيئن پڙهندڙن جي تعليمي ۽ تحقيقي ضرورتن کي اثرائتي طريقي سان پورو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.