ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان کان اڳ ڪروڙين رپيا ماليت جي کنڊ ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 20 هزار جي لڳ ڀڳ کنڊ جون ٻوريون برآمد ڪيون ويون.
ڪراچي ۾ رمضان کان اڳ ڪروڙين رپيا ماليت جي کنڊ ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍي ۽ ٻين اختيارين ڪورنگي ۾ گودام تي ڇاپو هنيو.
ڇاپي دوران ذخيرو ڪيل 20 هزار جي لڳ ڀڳ کنڊ جون ٻوريون برآمد ڪيون ويون، برآمد ٿيل مال سنڌ جي 9 شگر ملن جو آهي، ٻورين تي ايف بي آر جو جعلي اسٽيڪر به لڳل آهي.
ڇاپي ۾ ايف بي آر، بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائس ڪنٽرول آفيسر به شريڪ ٿيا.
You might also like