ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا پهرين ون ڊي ۾ ورلڊ چيمپيئن آسٽريليا کي 49 رنسن تان هارائي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ڪولمبو جي آر پرماداسا اسٽيڊيم ۾ سريلنڪن ڪپتان چيراٿ اسالانڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پيٿم نسانڪا ۽ اويشڪا فرنينڊو اننگز جي شروعات ڪئي، پر آسٽريلوي بالرن آڏو گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيا. 55 رنسن تي پنج وڪيٽون وڃائڻ بعد ڪپتان اسالانڪا ٽيم کي سنڀاليو ۽ 126 بالن تي 127 رنسون ٺاهي سينچري مڪمل ڪئي، جنهن ۾ 14 چوڪا ۽ پنج ڇڪا شامل هئا.
دونيٿ ولالاگي 30 ۽ ڪوشل مينڊس 19 رنسون ٺاهيون، سريلنڪا جي پوري ٽيم 46 هين اوور ۾ 214 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان شان ايبٽ 3، اسپينسر جانسن، ايرون هارڊي ۽ نيٿن ايليس 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ آسٽريليا جي شروعات خراب رهي، 31 رنسن تي چار رانديگر آئوٽ ٿي ويا.
ڪينگروز طرفان ايلڪس ڪيري 41 ۽ ايرون هارڊي 32 رنسون ٺاهي ڪجهه مزاحمت ڪئي، جڏهن ته شان ايبٽ ۽ ايڊم زمپا 20-20 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا جي پوري ٽيم 34 هين اوور ۾ 165 رنساسالانڪا جي سينچري، سريلنڪا جي پهرين ون ڊي ۾ ورلڊ چيمپيئن آسٽريليا کي شڪست ن تي آئوٽ ٿي ميچ هارائي ويٺي.
سريلنڪا طرفان مهيش ٿيڪشنا 4، دونيٿ ولالاگي ۽ اسيٿا فرنينڊو 2-2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته اسالانڪا ۽ ونندو هسارنگا 1-1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار سينچري ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي ڪپتان چيراٿ اسالانڪا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like