فيض حميد ڪيس جو فيصلو 15 مارچ تائين اچي ويندو؟

اسلام آباد(عمران شفقت) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صحافين سان ڳالهين دوران اداري اندر پنهنجي ايجنڊا پوري ڪندڙن جي طبيعت صاف ڪري ڇڏي آهي.ٻئي پاسي فوجي ڪورٽن اندر سويلن جي ٽرائل بابت ٻڌڻي دوران جج سڳورن مختلف سوال اٿاريا آهن . پر حيرت جوڳي ڳاله آهي ته اٽارني جنرل ان معاملي کي سهي طريقي سان کڻڻ ۾ ناڪام ويوآهي ڇو جو اهو ڪو احتجاج نه پر بغاوت جو معاملو آهي.اها پاڪستان جي فوج جي ڪمانڊ  سسٽم کي ٽوڙڻ جي سازش هئي، ذريعن  مطابق جڏهن 15 يا 16 مارچ تائين فيض حميد جو فيصلو اچي ويندو ۽ عمران زده عنصر عدالتن ۾ بي اثر ٿي ويندو پوءِ انهن شاهدين جي روشني ۾ عمران جو ڪيس سامهون رکيو ويندو.هن قوم جي ٻيڙي جنرلن ۽ ججن ٻوڙي آهي انهن کي اقتدار سنڀالڻ جو وڏو شوق رهيوآهي. افتخار چوڌري پنهنجي فيصلن وسيلي قوم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي.جنرلن جي تجربي جي ڪري پاڪستان جي معيشت تباه ٿي وئي آهي.ڪابه سياسي ڌر ن ليگ سميت جنرل باجوا جي احتساب لاءِ تيار ئي ناهي.سو آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات ان سلسلي ۾ هئي ته جيڪا سيڙپڪاري ٿئي ٿي ته ان جي تحفظ جي ڪهڙي ضمانت آهي۽ اهي سڀ ڳالهيون چيف جسٽس بعد ۾ اچي صحافين سامهون رکيون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.