ڪراچي ۾حادثن تي مڇريل شهرين ٽرڪن ۽ ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، ڌرڻا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ تي ڏمريل مال بردار ٽرڪن ۽ واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي ان کانپوءِ واٽر ٽينڪر ايسوسيئيشن شهر ۾ پاڻي جي سپلاءِ روڪي ڇڏي. ٽرانسپورٽرن ڌرڻن جو اعلان ڪيو. آل  پاڪستان ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن طرفان نيشنل هاءِ وي، حب ٽول پلازا ۽ سپر هاءِ وي تي ڌرڻُ هنيو ويو. پورٽ قاسم، حب چوڪي ۽ نيو سبزي منڊي وٽ روڊ بند ڪيا ويا. پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ الياس ۽ صدر ٽرانسپورٽر طارق گجر چيو ته سنڌ حڪومت ۽ گورنر جا بيان غير ذميواراڻا آهن، عوام جو ڇا رد عمل هوندو؟ عوام ۽ ٽرانسپورٽرن ۾ تڪرار پيدا ڪيو پيو وڃي.

مهاجر قومي مومينٽ جو چيئرمين آفاق احمد گرفتار

ڪراچي(م ڊ) مهاجر قومي مومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪراچي پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آفاق  احمد کي اشتعال انگيز بيان ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي آفاق احمد چيو ته 40 ڏينهن ۾ ٽرڪن ۽ ڊمپرن جي ٽڪر ۾ 92 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي اجازت نه ڏيڻ جي آجيان ڪريون ٿا، آفاق احمد اپيل ڪئي ته عوام احتجاج ڪري.

ڪراچي واسين کي ڊمپرن ۽ ٽينڪرن ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي: حافظ نعيم

ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين کي ڊمپر ۽ ٽينڪرز ذريعي نشانو بڻايو  پيو وڃي، ڏيڍ مهيني ۾ 100 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن، پيپلز پارٽي جيڪا 16 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي اها جعلي مينڊيٽ سان اقتدار ۾ آهي، اهڙي نااهلي آهي جو هو ٽريفڪ ضابطن تي به عمل نٿا ڪري سگهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ نه گورننس آهي ۽ نه ئي عوام کي ڪو رليف آهي، بلدياتي ادارن تي قبضو ڪري عوام جي ووٽ تي راتاهو هنيو ويو آهي، ڪراچي جي نوجوانن جي تعليمي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڊبل ڊوميسائل ٺاهي کين داخلا ڏيڻ کان به انڪار ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ ڊمپر ۽ ٽينڪرن سبب حادثن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) شهر ۾ ڊمپر ۽ ٽينڪرن جي ٽڪر سبب ٿيندڙ حادثن ۽ شهرين جي فوت ٿيڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي  وئي. درخواست گذار بئريسٽر حسن خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته روز ڊمپر ۽ ٽينڪر شهرين کي چيڀاٽي رهيا آهن، جڏهن ته شهر اندر هيوي ٽريفڪ بنا ڪنٽرول جي هر وقت هلي رهي آهي، جنهن سبب حادثن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. وڪيل موجب، گذريل هڪ سال دوران 8 هزار شهري زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هن مهيني دوران ئي 74 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. بئريسٽر حسن خان عدالت کي آگاهه ڪيو ته هيوي ٽريفڪ هلائيندڙ ڊرائيورن مان گهڻا نشي جا عادي هوندا آهن، جنهن سبب روڊ حادثا وڌي رهيا آهن. هن عدالت کان مطالبو ڪيو ته هيوي ٽريفڪ جي ضابطي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

ڊمپر ساڙڻ جي مذمت ڪريون ٿا: سميتا افضال

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ حادثن تي عوامي خدشن کي تسليم ڪندي آهي. معصوم جانين جو نقصان هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي ۽ اسان متاثر خاندانن سان گڏ آهيون،سنڌ حڪومت جي ترجمان سميتا افضال سيد ڊمپرن کي ساڙڻ ۽ تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون ڪارروايون صرف انتشار پيدا ڪنديون آهن، اسان ٽرانسپورٽرن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول سوسائٽي سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي اپيل ڪريون ٿا ته ڪراچي جي روڊن کي محفوظ بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.