ڇهن ڪئنالن وارو منصوبو ۽ پ پ جي اڳواڻن جا واڳن وارا ڳوڙها!

تحرير: عبدالقادر لاشاري

سازشن جو دور ڪو اڄ جو ناهي صدين جي تاريخن پڄاڻان جيڪڏهن  ورڪ اٿلائجن ٿا ته مير صادق ۽ مير جعفر جهڙا ڪيترائي سازشي ڪردار ملن ٿاجن سدائين پنهنجين چند خواهشن عيوض پنهنجي ڌرتي کي تين وال ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي  پر اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته چنيسر جا صرف چار ڏينهن ئي هوندا آهن باقي ته ڌرتي تي دودي جي دليري جا ئي پڙاڏا گوجندا رهن ٿا،هونئن ته سنڌ سان ويساهه گهاتين جي اڻکٽ تاريخ آهي هر نئين اڀرندڙ سج سان سنڌ جي سينڌ مٿان ڪو نه ڪو گهاءِ لڳايو ئي وڃي ٿو پر هن وقت جيڪو سنڌوءَ درياءَ جي پاڻي بابت ڪيو پيو وڃي اهو گهاءُ تمام گهڻو ايذاءُ  ڏيندڙ آهي.

سنڌو درياءِ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي جي ڪهاڻي ڪا  نئين به ناهي ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ به اها  اکٻوٽ واري راند ٿيندي آئي آهي جنهن ۾ پنجاب  جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پهرين به  واهه ڪڍيو ويو  جنهن بابت اهو چيو ويو ته ان کي انهيءَ واهه کي سنڌوءَ درياءَ مان صرف سانوڻي جي مند ۾ پاڻي کڻن لاءِ وهايو ويندو پر اهو سڀني جي سامهون آهي ته اهو واهه  نڪرڻ کانپوءِ سنڌوءَ درياءَ مان چوويهه ڪلاڪ جاري ساري آهي جنهن بابت اسان جي هر باشعور طبقي ڀرپور آواز اٿاريو پر سنڌي چڻي موجب ته رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا پر رڍن جي رڙ ساڳي ئي رهي ، سو اڄ تائين ڏاڍ ذريعي اهو ڪئنال وهي رهيو آهي وري هي جيڪي ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ وفاقي سرڪار پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي ۽ جڏهن سنڌ جو شعور ٻيهر اهڙي عمل خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويو آهي ته ساڳيا ڊراما ورجائن جو به سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته انهن واهن ۾ سانوڻي مند ۽ ٻوڏن دوران پاڻي ڇڏيو ويندو هاڻي جيڪر ڏهه ڀيرا به هي مسيت ۾ لهي اها ڳالهه ڪن تڏهن  هنن جي ڳالهه تي يقين توڙي اعتبار ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر هوندو، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال جيڪي ڪڍيا پيا وڃن انهن بابت ماهرن موجب گهڻي وقت کان ڪم ٿي رهوي آهي پر موجوده سرڪار پاران ڪم تيز ڪيو ويو آهي، افسوس جي ڳالهه آهي آهي ته پ پ جنهن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ٽن صوبن جي عوام پاران ڪابه خاص موٽ نه ڏني آهي مطلب ته  شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءَ ملڪ ۾ جيڪي به  عام چونڊون  ٿيون آهن انهن ۾ پيپلزپارٽي جي تقريبن ٽن صوبن مان تڏاويڙهه ٿي آهي پر سنڌ ۾ پارٽي ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ طاقتور ٿي آئي آهي پوءِ اها ڪنهن جي آشيرواد ٿي آهي اهو هڪ الڳ بحث اڀري ٿو پر  پ پ کي صوبي ۾ وڌيڪ سيٽون ملڻ سان گڏ لاڳيتو اقتدار جو شرف حاصل رهندو اچي،  هي جڏهن نون ڪئنالن جو معاملو اٿيو آهي ته پ پ جو ئي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جيڪو ملڪ جو ٻيو ڀيرو صدر ٿيو آهي انهي پاران نون ڪئنالن تي ڪم بابت صحيح ڪرڻ جا حڪم صادر ٿيا آهن جڏهن سنڌ جي شعور پاران انهي ڳالهه کي کنيو ويو ته پ پ مختلف وقتن تي بي وقتائتيون وضاحتون به ڏيندي رهي ته ”صدر آصف زرداري صحيح ناهي ڪئي پ پ ائين ڪرڻ ڪونه ڏيندي پ پ سنڌ جي عوام سان گڏ آهي“ پر سمجهڻ وارا ته سمجهن ٿا ته واڳون وارا ڳوڙها وهائڻ ۽ دل ۾درد رکڻ ۾ ڪيترو فرق آهي وڌيڪ پ پ وارن جي وضاحت ڌوڙ ۾ تڏهن ملي وئي جو واپڊا چيئرمين منظر اچي چيو ته ڪئنالن تي ڪم هلي پيو بابت پ پ پاڻ ترديد ڪري چڪي آهي مطلب ته پ پ جو ڪردار سنڌ ۾ اهو آهي ته هاٿي جا ڏند ڏيکارن جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا آهن.

هتي سنڌ جي عوام جي همدردي جتائڻ لاءِ هڪڙي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ هوڏانهن پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ييس مين وارو ڪرداربه هلي رهيو آهي ،وفاق جو ترجمان ٿي آيل واپڊا چيئرمين پاران سنڌ کي ايندڙ ٻوڏن کان بچائڻ لاءِ نوان ڪئنال ڪڍڻ جو رينگٽ به ورجايو ويو خبر ناهي ته واپڊاچيئرمين وٽ ڪهڙو ملائڪ آيو جنهن کيس سنڌ کي ايندڙ ٻوڏن کان بچائڻ لاءِ نوان ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ جو چيو جڏهن ته ماهر ايدڙ وقت ۾ برساتن جي گهٽ پوڻ ۽ قحط سالي جو وڌيڪ انديشو ظاهر ڪري رهيا آهن جنهن سان پاڻي جي کوٽ کي وڌيڪ منهن ڏيڻو پوندو، خير اهو ته وفاق جو ترجمان هيو  پر  صدر آصف علي زرداري به سنڌ جي ماڻهن جي مينڊيٽ کي ٽڪي برابر به  عزت ناهي ڏني ۽  نون ڪئنالن جي منصوبي تي صحيح ڪري پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي.

اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته  پاڻي جياپو آهي انهي بنا زندهه نٿو رهي سگهجي ، سنڌو درياءَ سنڌ ۽ سنڌين جو جياپوآهي پوءِ  پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙو سنڌ جو ماڻهو ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي،مڃون ٿا فردوس کي بيانان ۽ بڙ ڪرڻ لاءَ ناڪام سازشون سٽجي رهيون آهن پر هي سنڌ به رهندي هي سنڌوءِ به وهندو رهندواڄ جيڪي ڪردار ڳجهن هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن وقت انهن تان پردا ضرور لاهيندو جيڪي اقتدار جي هوندي پنهنجي ڌرتي جي جائز حقن لاءِ به ٻڙڪ ٻاهر نٿا ڪڍن انهن جو هي ڪردار سنڌ جي عوام وٽ سٺن لفظن نه هوندو، هن وقت  انهن کي هي عارضي نوڪري وڌيڪ پياري لڳي رهي آهي پر ياد رکيو وڃي تاريخ جا ورق هميشه دودي جهڙن دليرن ۽ ڌرتي مٿان سر واريندڙ دولهه دريا خان  جي نالي تي رقص ڪندي آهي انهيءَ ڪري اقتدار جي ڪرسي کي چنبڙڻ بدران حق جو آواز بلند ڪرڻ گهرجي سنڌ کي پهريان ئي 91 ٺاهه موجب پاڻي نه پيو ملي مٿان وري نوان ڪئنال ڪڍي ويتر قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

هن وقت سنڌ پاڻي جي معاملي تي سراپا احتجاج آهي سنڌ جا ساڃهه وند روڊ رستن تي نڪتل آهن انهي ڪري اقتدار جي نشي ۾ گم ٿيلن کي سنڌ جي ماڻهن جي آواز کي ضرور ٻڌڻ گهرجي ڇاڪان ته سنڌ جو عوام ڪوبه اهڙو مطالبو نه پيو ڪري جنهن سان اقتداري ڌرين لاءِ ڪي موجهارا پيدا ٿي رهيا هجن، سنڌ جو عوام سنڌوءَ درياءَ  تي لڳندڙ ڌاڙي کي رد ڪري ٿو انهيءَ معاملي تي سڀني ڌرين کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.