اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس حسن اظهر چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، اڄڪلهه باهه ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ فيشن بڻجي ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.
سزا مليل جوابدار ارزم جنيد جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته مرڪزي فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 175 جي شق 3 تحت ڪنهن به عدالت کي آئيني حدن کان ٻاهر قائم نه ٿو ڪري سگهجي.
جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته سروس معاملن ۾ شروعاتي جاچ لاڳاپيل ادارو پاڻ ڪندو آهي. جسٽس نعيم اختر چيو ته 1973 ۾ آئين ٺهيو، جڏهن ته ارڙهين ترميم دوران مارشل لا سان لاڳاپيل قانونن جو جائزو ورتو ويو، جيڪو ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي، اهو سپريم ڪورٽ ۾ ڇو ڪرائجي؟
جسٽس حسن رضوي چيو ته 9 مئي واقعن جا فوٽيجز ٽي وي تي به ڏيکاريا ويا، ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي نقصان پهچايو ويو.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته هڪ عام شهري جي گهر ۾ گهڙڻ به ڏوهه آهي.
جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته دنيا ۾ ڪٿي ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملا ٿيا آهن؟ جنهن تي سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته اهڙا حملا ٿيا آهن ۽ مثال سامهون پيش ڪيا ويندا.
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته عدالتي فيصلن ۾ جيڪي هدايتون ڏنيون ويون، ڇا انهن تي ڪا قانونسازي ٿي؟
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پارليامينٽ کي انهن معاملن تي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڳالهيون هتي ٿي رهيون آهن، اهي اتي ٿيڻ گهرجن.
سلمان اڪرم راجا چيو ته سزا ڏيڻ واري عمل ۾ عدالتي اختيار استعمال ٿيڻ گهرجي. هن نشاندهي ڪئي ته مارشل لا دوران بلوچستان هاءِ ڪورٽ عام شهرين جي حق ۾ فيصلا ڏنا.
سندس چوڻ هو ته جسٽس وقار سيٺ پشاور هاءِ ڪورٽ مان هڪ اهم فيصلو ڏنو، جنهن جو حوالو انصاف جي عالمي عدالت به ڏنو، پر اهو فيصلو سپريم ڪورٽ معطل ڪيو، ڇا ڪا عدالت آرٽيڪل 175 جي شق 3 کان ٻاهر قائم ڪري سگهجي ٿي؟
ڪنهن شهري جي گهر ۾ گهڙڻ به ڏوهه آهي، 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي: آئيني بئنچ
You might also like