ڏکڻ آفريڪي بيٽر برِٽيزڪي جي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ شاندار انٽري، نئون رڪارڊ جوڙي ڇڏيائين

لاهور( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي بيٽر ميٿيو برِٽيزڪي پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيل ٽه ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪي اوپنر ميٿيو برِٽيزڪي پنهنجي ڊيبيو تي 150 رنس ٺاهي نئون ون ڊي رڪارڊ قائم ڪيو.
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي نيوزيلينڊ کي فتح لاءِ 305 رنس جو هدف ڏنو.
نيوزيلينڊ طرفان ميٽ هينري ۽ ول او رورڪي 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ياد رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 78 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.