اسلام آباد(اسدطور) پاڪستان ملڪي قرض تي جيڪو وياج ڀريو آهي سو 8 هزار 900 ارب روپيا هيو ۽ ڪل قرض 133 ارب ڊالر آهي.آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض ڏيڻ دوران مختلف شرط رکندي آهي، جنهن ۾ هڪ آزاد عدليه به شامل آهي،هڪ آءِ ايم ايف جو مشن 6 فيبروري کان پاڪستان آيل آهي.14 فيبروري تائين هتي رهندو.19 وزارتن ۽ کاتن جو جائزو ان دوران ورتو ويندو. سپريم ڪورٽ جي ججن سان ملندو ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان به گڏجاڻي ٿيندي پاڪستان جي عدليه جي باري ۾ ججن جي مقرري جو جائزو وٺندو. ٻيو ڇا پاڪستان جي عدالت آزاد آهي يا نه؟ ٽيون اها خودمختياري آهي يا نه؟اهو مشن واپس وڃي رپورٽ لکندو ۽ پاڪستان ان کي شايع ڪرڻ جو پابند هوندو.هن وقت اسٽيبلشمنٽ جا لاڏلا ۽ سياسي ڌرين جا ڪارڪن عدالت ۾ ڀرتي ڪيا پيا وڃن.اسٽيبلشمنٽ حلف جي وفاداري ڪندڙن کي سزا ڏئي رهي آهي.اگر آءِ ايم ايف اهو سڀ لکيو ته اسان کي قرض جي اڳين قسط نه ملندي.تازوئي انساني حقن بابت يورپي يونين جو وفد پاڪستان آيو هيو ان پاڪستان کي چيو آهي ته اگر انساني حقن جي صورتحال بهتر نه ٿي ته پوءِ ِ جي ايس ٽي پلس جو اسٽيٽس واپس ورتو ويندو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 10 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو