قوم پرست پارٽين پاران ڪئنالن خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان

ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ جي قومپرست جماعتن سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي رد ڪندي ڀرپور جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي،سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ جي صدارت ۾ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ سنڌ جي قوم پرست جماعتن جي اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي  آرگنائيزر مجيد سيال، جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان جي آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد لال شاھ، جيئي سنڌ قومي پارٽي اڳواڻ نواز خان زنئور، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر اڳواڻ فتاح چنا، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو جي اڳواڻ غفار ميرجت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيد زين شاھ سمورين جماعتن ۽ اڳواڻن کي باضابطا طور سنڌو درياهه بچايو تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جيڪا قبول ڪندي اڳواڻن انهن ڳالهين تي اتفاق ڪيو ته سنڌودرياهه تي غيرقانوني جبري طور تي ٺھندڙ ڪينالن خلاف گڏيل ڀرپور تحريڪ هلائينداسين. سمورن اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو ڪنوينر سيد زين شاھ جيڪو به فيصلو ڪندو ان ۾ مڪمل ساٿ ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.