ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جو مڪلي ۾ مارچ،قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ٺٽو/مڪلي(رپورٽ: منصور جلالاڻي+اياز جلالاڻي) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان مڪلي کان ٺٽي تائين ھزارين عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ مردن جي 5 ڪلوميٽرن تائين پرجوش پيادل مارچ، مارچ قومي شاھراھ جو سخت نٽھڻ اُس ۾ گشت ڪندي ٺٽي جي مين  اسٽاپ تي پھتو، جتي مارچ جي پانڌيئڙن ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن جي ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مارچ ۾ شامل ڪارڪن ”ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو،“ ”ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو،“ ”ڪينجهر تي قبضو ختم ڪريو،“ ”هاليجي ڍنڍ تي قبضو ختم ڪريو،“ ”ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪريو،“ ”گورک کپائڻ بند ڪريو،“ ”ڪاڇي واسين کي لڏائڻ بند ڪريو“ جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا. ان موقعي تي مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، گهنور خان زئور ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ملڪ جي وجود تي وار آهن، سنڌين ۽ بلوچن سميت مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن جا منصوبا آهن، ايس آئي ايف سي جو ادارو جوڙي آئين جو قتل ڪيو ويو آهي،ملڪ کي 1940ع جي قرارداد بدران جنرل ايوب جي ون يونٽ تحت هلايو پيو وڃي. هنن چيو ته بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ ۾ بدترين آمريت مڙهي ڇڏي آهي، پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ميڊيا کي به عدليا جيان قيد ڪيو ويو آهي، پيڪا ايڪٽ ترميمي بل اظهار جي آزادي تي پابندي آهي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو درياهه وڪرو ڪندڙ پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، پيپلز پارٽي ڪوڙن بيانن ۽ ڊرامي بازي بدران آئيني فورم استعمال ڪري 6 نوان ڪئنال رد ڪرائي، 26ھين آئيني ترميم لاءِ ڊوڙ ڊوڪ ڪري مولانا جي در تائين جتيون گسائيندڙ بلاول 6 نون ڪئنالن خلاف ڊوڙ ڇو نٿو ڪري، بلاول ۽ آصفا 6 نون ڪئنالن خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان قرارداد منظور ڇو نٿا ڪرائين، بلاول جي ان مجرماڻي ماٺ مان ثابت آهي ته بلاول سنڌو درياءِ ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تحت سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب سميت سموري ملڪ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪيو پيو وڃي، اتحادي سرڪار ملڪ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي دفن ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏيارڻ تائين جدوجهد قومي جوش ۽ جذبي سان جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.