ڪراچي( رپورٽر) حڪمران اتحاد ۾ شامل متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال شرڪت نه ڪئي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پنهنجي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ انيس قائمخاني ڪئي. اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن فاروق ستار کي تڪن جي ترقياتي اسڪيمن جا تفصيل پيش ڪيا. ايم ڪيو ايم ۾ ان کان اڳ اقتداري ڇڪتاڻ هئي. قيادت ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پارٽي ايڪٽ تحت ڪارروائي جو اعلان ڪيو. متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم جو گورنر آهي، هو گورنر رهندو، هو ڪٿي به وڃڻ وارو ناهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته مون سميت سڄي پارٽي کي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري تي اعتماد آهي، ايم ڪيو ايم گورنر هائوس مان نه هلي رهي آهي، ڪالهه جو واقعو افسوسناڪ آهي. هوڏانهن فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم ڪالهه واري واقعي کان نڪري چڪي آهي. گورنر ۽ مصطفيٰ ڪمال خلاف مظاهرا شرپسندي هئي. فاروق ستار چيو ته مظاهرا ڪندڙن جا چهرا واضح آهن، ڪارروائي ڪئي ويندي.