اسلام آباد(منصورعلي خان)8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف پي ٽي آءِ پاران لنڊن جي ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ مظاهرو ڪيو ويو ۽ ان دوران هڪ مقرر چيو ته اسان دوستن ساٿين کي عادل راجا بابت چيو آهي ته ان کان پري رهو اهو اسان جي اندر گهڙي دشمنن وارو ڪم ڪري ٿو.عمران رياض ۽ عادل راجا وچ ۾ هن وقت تڪرار هلي رهيوآهي.هڪ صحافي مطابق لنڊن شو ناڪام ويو ۽ گهٽ ماڻهو شريڪ ٿيا.صوابي ۾ به جلسو متاثر ڪندڙن نه رهيو. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم انتشار جوشڪار ٿي وئي،عهدن تي ويڙهه شروع ٿي وئي .خبرن مطابق انيس قائم خاني ۽ مصطفيٰ ڪمال واٽس ايپ گروپ به ڇڏي ڏنو آهي.ايم ڪيو ايم ٽسوري کي هٽائڻ گهري ٿي ۽ وفاق ان کي رکڻ چاهي ٿو. ٻئي پاسي عدالت اندر ڌڙابندي هلي رهي آهي ۽جج خط لکي رهيا آهن فوج ۽ عوام وچ ۾ وٿي جو ذميوار عمران خان به آهي ته ٻيون سياسي ڌريون به آهن.