ميرپورخاص(رپورٽ:صالح اوٺو)چولستان سميت 6 ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ستين ڏينھن اياز لطيف پليجو، مظھر راھوجو، انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي،مجيد ٻگھيو،ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري،سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي،نثار ڀرڳڙي،راجيش ڪمار،خادم سمون،رب ڏنو ملڪ،صديق اوٺو،انور فوجي،مقصود ڀرڳڙي،رازو ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سمن ڳوٺ کان شروع ٿيو، جنھن جو دولت لغاري، لغاري ڳوٺ، جرواري شاخ، چاندني چوڪ، اسٽيشن چوڪ، بلديا پلازا ۽ پريس ڪلب پھچڻ تي گلن سان ورکا ڪري اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو ويو. پيادل مارچ پريس ڪلب پھچي جلسه عام ۾ تبديل ٿي وئي،ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي کوٽ جي ڪري سڄي سنڌ سڪي رھي آھي. ڪوبه پڇڻ وارو ناھي واپڊا چيئرمين ٻڌائي چڪو آھي ته 6 ڪئنالن جي منظوري پيپلز پارٽي ڏني آھي سنڌ ۾ زراعت، تعليم، صحت ۽ گورننس تباھ ٿي چڪي آھي،پيپلز پارٽي سنڌ جو درياھ ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. چولستان ۽ ٻيا 6 ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي،هن چيو ته سنڌ مان چونڊيل سڀني پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آھي. اھي پنھنجو احتساب ڪن،هن چيو ته سنڌ حڪمرانن کان پڇي رھي آھي ته اسان کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ڇو پيو ڪيو وڃي، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي،سمنڊ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي،سنڌ جا ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ وفاقي ۽ صوبائي حڪمران سنڌ جي عوام جو استحصال بند ڪن،هن چيو ته سنڌ جو عوام ھر قيمت تي پاڻي ۽ وسيلن جو دفاع ڪندو. بندرگاھ، گئس ۽ پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بنائڻ جي قيمت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلن جي صورت ۾ ڏنا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي ناھي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ چشما جھلم ۽ تونسا ڪئنال ٺاھيا ويا،وري پ پ حڪومت ٿل ڪئنال ٺاھيو. انھن ڌاڙيل ڪئنالن ذريعي سنڌ جو 12 مھينا پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. ھاڻ وري آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ درياھ جي قيمت ڏني آھي، 6 ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ جو رخ چولستان ڏانھن ڪيو پيو وڃي، انور نوحاڻي چيو ته سنڌيو پنھنجي بربادي کي روڪيو. سنڌو درياھ کي بچايو،6 ڪئنالن کي روڪيو. پيپلز پارٽي حڪومت کي سنڌ سان ڪو به پيار ناھي زينت سمون چيو ته پيپلزپارٽي نواز ليگ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون گرين پاڪستان جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين کي ڏئي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھين ٿيون. نصرت خاصخيلي چيو ته سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي کي لکين سنڌياڻيون پنهنجي پر امن جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائينديون،ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري چيو ته 6 ڪئنال ڪڍي ھميشه لاء سنڌو درياھ کي بند ڪيو ويندو. شھباز شريف ڪا نئين يونيورسٽي ڇو نٿو سنڌ ۾ ٺاھي. ڪا نئين اسپتال، ڪو صنعتي زون ڇو نٿو سنڌ ۾ قائم ڪري جنھن جو سنڌ کي فائدو ٿئي مجيد ٻگھيو چيو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سان دوکا ڪيا پيا وڃن، شوڪت نوحاڻي چيو ته سنڌ دشمن ڪئنال ٺھيا ته 10 سالن کانپوءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي، راجيش ڪمار چيو ته سنڌي ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن جي جياپي لاءِ جدوجھد ڪن، رب ڏنو ملڪ چيو ته جيڪڏھن درياھ ھليو ويو ته تاريخ ۾ مجرم بنجي وينداسين، مارچ کي صديق اوٺو، مقصود ڀرڳڙي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.