ڪراچيءَ شھر ۾وڌندڙ ٽرانسپورٽ حادثا

ڪراچيءَ شھر مان ھر ڌر فائدو وٺڻ چاھي ٿي پر ڪا بھ ڌر  ھن شھر کي پنھنجو ڪرڻ  لاءِ تيار نھ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھر ڪو پنھنجي حيثيت ۽ وزن موجب ان مان وصول ڪرڻ ۾ رڌل آھي.شهر ۾ ڪجهه ڏينھن کان ڊمپرن جي حادثن ۾ شھرين جي مارجڻ کانپوءِ سنڌ جي گورنر پاران آيل سخت بيانن بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪراچي شھر ۽ ان جا مسئلا بحث جو موضوع بڻجي ويا آھن.

ڇنڇر تي وڌيڪ ٽن ماڻهن جي ڊمپرن جي ٽڪر ۾ فوت ٿيڻ بعد هن سال ڪراچي ۾ ٽرئفڪ حادثن ۾ فوتين جو انگ 100 جي ويجهو پهچي ويو آهي رازو حادثو،زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ابراهيم حيدري کان ڪورنگي ڪراسنگ ڏانهن ويندي هڪ خانگي يونيورسٽي جي ويجهو  پيش آيو. جنھن دوران تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪل تي ويٺل ٽن ڄڻن کي ٽڪر ھنيو، جيڪي  موقعي تي فوت ٿي ويا. واقعي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور ھميشھ جيان فرار ٿي ويو. جڏھن تھ موقعي تي موجود  مڇريل ماڻهن ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي. فوتين جي سڃاڻپ 27 سالن جي محمد آصف پٽ حضور بخش، 31 سالن جي امجد گيلاني پٽ غلام گيلاني ۽ 24 سالن جي شوڪت طور ٿي آھي.ڊمپر بجري سان ڀريل هو.شهر جي اندر ڏينهن جي وقت ڊمپر ٽرڪ ۽ ڳري ٽرئفڪ جي اجازت ناهي ان ھوندي بھ قانون جي اھا ڀڃڪڙي سرعام ٿيندي رھي ٿي. ڇيپا اھلڪارن موجب سال 2025 ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽرئفڪ حادثن ۾ 96 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ھڪ ھزار 300 زخمي ٿيا آهن.چيپا جي انگن اکرن موجب هن سال ڊمپرن سان ٽڪرائجڻ سبب 11 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جڏھن تھ  گذريل سال ٽريفڪ حادثن ۾ 700 کان وڌيڪ شهري فوت ٿيا هئا.

بدقسمتي سان ھن وقت لڳ ڀڳ چئن ڪروڙ جي آبادي واري ڪراچيءَ شھر جا مسئلا ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن، جنھن جي ڀيٽ ۾ انھن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ جيڪي بھ اڀراسڀرا قانون موجود آھن انھن تي مڪمل طور عمل نھ پيو ڪيو وڃي.ٽريفڪ حادثن جو تعلق ٽريفڪ سان آھي. شھر جي وڏي آبادي جي لاءِ ھن وقت حڪومت پاران ھلندڙ سرڪاري گاڏين جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آھي،روڊن تي ٽريفڪ جي ايڏي رش آھي، جو اڌ ڪلاڪ جو مفاصلو طئي ڪرڻ ۾ ٻھ ڪلاڪ لڳي ٿا وڃن.جنھن ڪري ماڻھو رستي تي ھوندي ذھني طور شديد دٻاءَ جو شڪار رھي ٿو.

بنا ڪنھن رٿابندي جي بي ترتيبي سان وڌندڙ ڪراچيءَ شھر ھڪڙو اھڙو ٻيلو آھي، جنھن ۾ اندر داخل ٿيڻ بعد ان جو ڄڻ ٻيو ڪنارو ملي ئي نٿو.شھر ۾ آبادي جي تناسب سان حڪومت پاران گھربل گاڏين نھ ھئڻ جي ڪري ماڻھو مجبورن نجي ٽرانسپورٽرن جي ور چڙھي ٿو، نجي ٽرانسپورٽرز عوام جي ابتي کل لاھڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن.انھن نجي ٽرانسپورٽرز تي حڪومت سطح تي ڪنھن بھ قسم جي نگراني نھ ھئڻ جي ڪري اھي پنھنجي ”داداگيري“ وقت بوقت ڏيکاريندا رھن ٿا.جنھن جي شڪايت جو ڪو بھ سسٽم نھ آھي. نتيجي ۾ عوام اھو سور سھندو رھي ٿو.

دنيا جي ڪنھن بھ سڌريل سماج ۾ چنگچي رڪشا يا ٽانگا  ٻن کان چين ڪلوميٽرن تائين يا وڌ ۾ وڌ پنجن ڪلوميٽرن جي سر لاءِ  ھلايا ويندا آھن.پر اھو” ڪمال“ ڪراچي شھر جي انتظاميھ جو آھي جيڪا ھتي 5 ڪلوميٽرن کان 10، 15، 20 ڪلوميٽرن تائين ھلڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جنھن ڪري سڄي شھر ۾ ٽريفڪ جام رھي ٿي.ٽرانسپورٽ جي معياري سھولت نھ ھئڻ ۽ وقت جي زيان کان بچڻ جي لاءِ ھڪ شھري پنھنجي پھچ موجب موٽر سائيڪل رکي ٿو ۽  اھو لاڙو  اھڙو وڌي ويو آھي جو ڪيترن ئي گھرن ۾ جيڪڏھن ٽي فرد آھن تھ انھن وٽ ٽي موٽرسائڪل آھن،جنھن ڪري روڊن تي رش رھي ٿي، ٽريفڪ جام رھي ٿي.شھر ۾ موٽرسائيڪل کان ويندي ڪارون،رڪشا ۽ ڪٿي تھ ھيوي گاڏيون اھي نوجوان بھ ھلائي رھيا آھن، جن جي عمر اڃان 18سال بھ نھ آھي،جنھن جو مطلب آھي تھ حڪومت 18 سالن کان اڳ ھنن کي سڃاڻپ ڪارڊ تھ نھ ٺاھي ڏيندي پر انھن جي ڊرائونگ ڪرڻ تي ڪا  پابندي نھ آھي.

ڪراچي شھر ۾ جيڪڏھن ٽريفڪ ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي کي ڏسجي تھ سڀني کان وڌيڪ انھن ماڻھن جي حق جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي،جيڪي فٽ پاٿن تي ھلن ٿا. سڄي شھر جي فٽ پاٿن تي ٽريفڪ پوليس جي مھرباني سان ولار ھئڻ جي ڪري اتي عام ماڻھو جو ھلڻ مشڪل آھي.ان جي حل جي حڪومت کي ڪا بھ ڳڻتي نھ آھي.ذڪر ڪيل سببن جي ڪري عام ماڻھو اڳي ئي ذھني دٻاءَ جو شڪار رھي ٿو،جنھن ڪري ڪنھن بھ حادثي بعد  ھن ھي اندر دٻيل ڪاوڙ نڪري ٿو.ڪڏھن ڪڏھن اھڙي قسم جي حادثن بعد مڇريل ۽ ڳڻتي ورتل ماڻھو پنھنجي ڪاوڙ حادثي جي سبب بڻجندڙ گاڏي کي ساڙي يا وري ان جي ڊرائيور تي تشدد ڪري ڪڍي ٿو.

اھو جيڪو بھ ڪجهه ٿئي ٿو اھو ھڪ فطري رد عمل تھ آھي پر ماڻھو ان ڪري ايترو شدت پسند ٿي ويو آھي جو ھن جو قانون تان ويساھ کڄي ويو آھي.جيڪڏھن قانون عملي طور تي ماڻھن کي حقيقي معنيٰ ۾ انصاف مھيا ڪري تھ پوءِ ماڻھن جو ردعمل شايد ڪنھن حد تائين گھٽ ٿي وڃي.

ڪراچيءَ جي ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ ڇنڇر ڏينھن ٿيندڙ حادثي کانپوءِ ماڻھن ردعمل جي طور تي ھيوي ٽريفڪ جي گاڏين جي ٽائرن مان ھوا ڪڍي ڇڏي آھي، اھو يقينن شھرين جو درعمل آھي پر ان جي ردعمل ۾ بھ ڪجهه ٿي سگھي ٿو.جنھن ڪري ھرڪو قانون پنھنجي ھٿ ۾ کڻي وٺندو.حڪومت کي ڪنھن وڏي حادثي جي انتظار ڪرڻ کان اڳ ڪراچي شھر جي ٽريفڪ ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ  ۽ عوام جي ھن ڳنڀير معاملي تي ڪو چٽو پلان تيار ڪرڻ جي ضرورت آھي. .جيئن ھن جديد دور سان ھم آھنگ ٿي ھلي سگھجي ۽ شھري بھ سک سان جو ساھ کڻن، حادثا بھ گھٽ ٿي سگھن.شھرين جو وقت ۽ پئسو بھ بچي سگھي.اھو ئي بھترين رستو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.