سنڌ واسين  جي احتجاجن تي حڪومت جي خاموشي

تحرير: غلام حسين جوڻو

جنهن ڏينهن کان وٺي، سنڌو درياءَ تي نوان ڇهه ڪئنال ٺاهڻ جو رينگٽ شروع ٿيو آهي. ان ڏينهن کان وٺي، سنڌ جو عوام روڊن تي نڪتل آهي. ريليون ڪڍي پيو. احتجاج ڪندو وتي. هڙتالون ڪيون پيون وڃن ۽ ڌرڻا لڳي رهيا آهن. اهو سلسلو روزانه جاري آهي. جيڪو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ جا ماڻهو نون ڪئنالن ٺهڻ جي منصوبي کي رد ڪري چڪا آهن. ان کي سنڌ دشمني سمجهن ٿا ۽ سنڌ سڪائڻ جي سازش سمجهن ٿا. اهو، سنڌو درياءَ تي ڌاڙو آهي. جيڪو موجوده وفاقي حڪومت هڻي رهي آهي. هن ڌاڙي ۾ اتحادي حڪومت ۾ ويٺل سموريون پارٽيون شامل آهن. ڄاڻايل ڪئنالن ٺاهڻ سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي. هتان جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. پيئڻ لاءِ پاڻي به ڪونه ملندو ۽ جر کارو ٿي وڃڻ جا خدشا ۽ امڪان ڏيکاريا پيا وڃن. انهن خطرن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جا ماڻهو يڪراءِ تي سنڌو درياءَ تي پنجاب ۾ ٺهندڙ نون ڪئنالن جي خلاف آواز بلند ڪري رهيا آهن. جولاءِ 2024ع کان وٺي ڪئنالن خلاف آواز بلند ڪيو پيو وڃي جيڪو هن وقت زور پڪڙي ويو آهي. ان جو ثبوت روزانه اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن مان وٺي سگھجي ٿو. ڪئنالن جي خلاف سنڌي عوام جي ردعمل جي خبرن سان اخبارون ڀريون پيون آهن. اخبارون ان معاملي کي خاص پذيرائي ڏيئي رهيون آهن. ۽ اهڙيون خبرون وڏين سرخين سان ڇپجن پيون. هن وقت اهي اخبارن جي زينت بنيل آهن. جيڪي حڪمران به لازمي پڙهندا هوندا.

سنڌ جون قومپرست ڌريون ته سڄي سنڌ ۾ مذڪوره ڪئنالن جي خلاف عوام سان رابطي ۾ آهن. عوام به کين سٺي موٽ ڏيئي رهيو آهي. هزارين بلڪه لکين ماڻهو نڪري پيا آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي به متحرڪ آهي. ان پارٽي جو صدر محترم سيد زين شاهه مذڪوره تحريڪ ۾ اڳڀرو آهي. جيڪو جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۾ شريڪ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جا ڪارڪن به احتجاج ڪري رهيا آهن. جونيئر ذوالفقار به خاموش ڪونه آهي. سنڌ سڪائڻ جي سازش خلاف آواز بلند ڪندو وتي. قومي عوامي تحريڪ به عوام کي جاگرتا ڏيڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ جلسا ڪري رهي آهي. ان پارٽي جو اڳواڻ اياز لطيف پليجو به لاڳيتو ڪوششون جاري رکيو اچي. هاري ڪاميٽي به ان سازش جي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي. جئي سنڌ محاذ به ان جدوجهد ۾ شامل آهي. ان گروپ جو اڳواڻ رياض چانڊيو به عوام سان رابطي ۾ آهي. سنڌو تي ڪئنال ٺاهڻ جي مسئلي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پوئتي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ڊاڪٽر قادر مگسي به لاڳيتو ڪوششون ڪري رهيو آهي ته حڪومت اهو فيصلو واپس وٺي جماعت اسلامي به حڪومت جي سنڌ دشمني جي فيصلي کي رد ڪيو آهي ۽ احتجاج ڪرڻ ۾ اڳڀري آهي سنڌياڻي تحريڪ به هن مقصد لاءِ جدوجهد ڪري پئي. نواز خان زنئور، صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عبدالخالق جوڻيجو، محمد اسلم خيرپوري کان علاوه سنڌ جا ساڃاه وند ماڻهو، شاگرد، وڪيل، سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمون به سنڌ تي نوان ڇهه ڪئنال ٺاهڻ نامنظور ڪري چڪا آهن ۽ ان خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. مون ٻهراڙين جي ڳوٺڻ ۾ اهڙا به نوجوان ڏٺا آهن جيڪي اوطاقن ۾ وڃي ماڻهن کي سمجهائي ۽ سجاگ ڪري رهيا آهن ۽ کين ٻڌائين ٿا ته، حڪومت جو اهو فيصلو سنڌ دشمني تي ٻڌل آهي. سنڌ جون زمينون غيرآباد، ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. ان ڪري اوهان ان جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪريو. وقاق کي مجبور ڪريو ته جيئن اهو فيصلو واپس ورتو وڃي. ان جي خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۾ ساٿ ڏيو. ٿي سگھي ٿو ته اها تحريڪ گھڻي وقت تائين جاري رهي. جنهن ڪري ٿڪجي واپس موٽڻو به ڪونه پوندو. مطلب ته سنڌ جون قومپرست ۽ ساڃاه وند ڌريون ميدان ۾ نڪتل آهن. عوام به کين سٺي موٽ ڏيئي رهيو آهي. حڪومت جي خلاف جيڪو آواز بلند ٿيو آهي اهو، بند ٿيڻ جي ڪونه پيو ڪري. انتهائي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ اچي پيو.

موجوده صورتحال کي ڏسجي ٿو ته، سنڌ جي قومپرستن جا خدشا حقيقت بنجي سامهون اچي رهيا آهن. جن جو ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگھي. هاڻ سنڌ واسي سمجهن ٿا ته وفاق سان گڏ اسان جي سنڌ حڪومت به آهي. جيڪا سنڌ کي سڪائڻ واري سازش ۾ ملوث آهي. اهوئي سبب آهي جو بيان ڪيل پارٽي ڇهن ڪئنالن جي خلاف آواز ڪونه پئي اٿاري. ٿورو وقت اڳ ۾ مسلم ليگ (ن) جو هڪ سرڪرده اڳواڻ به بيان ڏنو هو ته، سنڌو درياءَ تي ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي. اهي ضروري ٺهندا. ان کان علاوه مسلم ليگ (ن) جي ڪن ٻين اڳواڻن به مذڪوره ڪئنال ٺاهڻ جي حمايت ۽ حق ۾ ڳالهيون ڪيون آهن. هاڻ سموري صورتحال تي غور ڪري ڏسجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ واسين نون ڪئنالن کي رد ڪيو آهي. ۽ مطالبو ڪيو پيو وڃي ته، اهو فيصلو واپس ورتو وڃي. سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ جي منصوبابندي کي ختم ڪيو وڃي. سنڌي ماڻهن جي هن مطالبي کي في الفور مڃيو وڃي. پر، حڪمران ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. هو، هوڏ، ضد ۽ ڏاڍ تي قائم آهن. سنڌي ماڻهن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. حالتون هٿ وٺي خراب ڪيون پيون وڃن. هن عوامي مطالبي کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. حالانڪه حڪومت جي ذميواري آهي ته، ملڪ جي عوام جي مسئلي کي ٻڌي، غور ڪري حل ڪري. پر، اقتدار ڌڻي ان ذميواري کي نڀائڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. هو پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ مست و مگن آهن. کين ڪنهن جي به پرواهه ڪونه آهي. شايد سمجهندا هجن ته هو، گھڻي وقت تائين حڪمراني ڪندا رهندا، اهو، ناممڪن آهي. دنيا جي تاريخ کولي ڏسبي ته هنن حڪمرانن کان ڪيترائي سگھارا طاقتور ۽ مضبوط حڪمران به حڪومت ڇڏي هليا ويا. جنهن ڪري حڪمرانن کي تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. پنهنجي هٺ، هوڏ ۽ ضديت کي ختم ڪري هن عوامي مسئلي کي عوام جي راءِ موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته جيڪڏهن حڪومت اهو فيصلو واپس نه ٿي وٺي ته سنڌ هميشه لاءِ سڪي ويندي. سنڌ جو تمام گھڻو نقصان ٿيندو. جنهن جو ڪير ازالو به ڪري ڪونه سگھندو. پاڻي نه اچڻ ڪري هتي زراعت ڪونه ٿي سگھندي. هتان جا آبادگار متاثر ٿيندا. هاري ۽ پورهيت طبقو فاقه ڪڍڻ تي مجبور ٿي پوندو. انهن کي جيئڻ ڏيو. پاڻي انهن جي جياپي لاءِ ضروري آهي. جنهن ڪري حڪومت جو هي آمرانه فيصلو واپس وٺي سنڌ جي عوام جا احتجاج، ڌرڻا ۽ جلسا ختم ڪرايا وڃن ۽ سنڌي ماڻهن جا خدشات ۽ تحفظات دور ڪيا وڃن. ٻئي حالت ۾ اها خبر ناهي ته مذڪوره جدوجهد ۽ تحريڪ ڪٿي دنگ ڪندي. عوام کي نظرانداز نه ڪريو. هن فيصلي تي حڪومت جي خاموشي به ڪيترائي مونجهارا پيدا ڪيا آهن. انهن مونجهارن کي به دور ڪريو. خدارا هن طرف توجه ۽ ڌيان ڏنو وڃي. سنڌ جي عوام جي هن مطالبي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ حڪومت جي اهم ذميواري ۽ فرض آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.