ڪامران ٽيسوري پنهنجي پارٽي ۾ اختلافن تي ڌيان ڏئي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن.
پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اسان کي نفرت جي سياست جو خاتمو ڪرڻو آهي، پ پ ڪڏهن به نفرت جي سياست ناهي ڪئي.
هن چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ پ پ کان بهتر ڪا جماعت ناهي، اسان شهر ۾ پ پ کي مضبوط ڪنداسين، ڪراچي کي پ پ جو ڳڙهه بڻائينداسين.
سندس چوڻ هو ته پ پ عام ماڻهن کي اسيمبلي ۾ موڪليندي آهي، ڪنهن ٻي جماعت ۾ همت ناهي ته ائين ڪري، ايم ڪيو ايم جو اندروني ڏڦيڙ انهن جو پنهنجو معاملو آهي، ڪامران ٽيسوري پنهنجي پارٽي جي اندر مخالفت تي ڌيان ڏئي.
سعيد غني چيو ته گورنر ڊي آءِ جي ٽريفڪ نٿو بڻجي سگهي، رڳو ڊي آءِ جي جو پي آر او بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.