نيتن ياهو سعودي عرب اندر فلسطيني رياست ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ٻه رياستي حل رد ڪندي سعودي عرب اندر فلسطيني رياست ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
آمريڪا جي دوري دوران اسرائيلي ميڊيا کي انٽرويو ۾ نيتن ياهو چيو ته فلسطيني رياست جو قيام اسرائيل جي سلامتي لاءِ خطرو آهي، سعودي عرب پنهنجي ملڪ ۾ فلسطيني رياست ٺاهي سگهي ٿو، سعودي عرب وارن وٽ گهڻي زمين آهي.
هن چيو ته فلسطينين وٽ هڪ رياست هئي، جنهن جو نالو غزا هو، جيڪا حماس جي قبضي ۾ هئي ۽ 7 آڪٽوبر تي ڏسو ڇا ٿيو ۽ اسان کي ڇا مليو، تنهن ڪري اسان کي فلسطيني رياست قبول ناهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ امن ممڪن آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته اهو جلد ٿيڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.