ميهڙ(رپورٽ: فراز چنا ) ميھڙ ۾ اڳوڻي وڏي وزير وزير لياقت علي جتوئي جي صدارت ۾ جي ڊي اي جي ميزباني ۾ سياسي سماجي، مذھبي ۽ واپاري تنظيمن ۽ لوڪل گورنمينٽ جي چونڊيل نمائندن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌو درياه مان ڪئنال ڪڍڻ ،ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ ، غير آئيني ترميمن ، ڌانڌلين ذريعي نااھلي حڪمرانن کي عوام مٿان مڙھڻ خلاف 8 فيبروري تي احتجاج ڪرڻ ۽ 16 فيبروري تي جي ڊي اي پاران سيوھڻ کان ميھڙ تائين بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي لياقت علي جتوئي جي چيو آھي ته ملڪ ۾ جاھل، نااھل، ڪرپٽ ۽ ڌانڌلي جي پيداوار ماڻھن کي اقتدار سونپيو ويو آھي، 1991ع واري ٺاھه ۾ واضع آھي تي سنڌين جي رضامندي کان سواءِ ڪو به ڊيم يا ڪئنال نه نڪرندا، فارم 47 جي پيداوار ماڻھن طرفان جوڙيل ڪارا قانون عوام کي منظور نه آھن، اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي وڪيل منور جتوئي، وڪيل مير کوسو، ايس يو پي اڳواڻن حبيب حضوري، اسحاق سوڍر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ايوب کوسو، رياض جھتيال، جماعت ھلسنت جي مولانا منظور چانڊيو سميت جي ڊي اڳواڻن سيد الطاف شاھ، نياز ٻرڙو، نجيب ناريجو، سومرو، ڊاڪٽر عباس مھيسر ، تمندار صدا حسين چانڊيو، ايوب کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.