چوٽياريون واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريان ٿي: شازيه مري

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) پ پ جي مرڪزي انفارميشن سيڪرٽري ايم اين اي شازيه عطا مري ڳوٺ جاني جوڻيجو پهچي چوٽياريون سانحي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪري دعا گهري ۽ زخمين جي عيادت ڪئي، انهي موقعي شازيه عطا مري چيو ته چوٽياريون واقعي ۾ زخمين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ علاج ڪرايو ويندو، واقعي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريان ٿي ۽ حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريان ٿي، شازيا مري سان گڏ رئيس معشوق علي چانڊيو ۽ اعجاز زرداري پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.