سراپا احتجاج بڻيل وڪيل ۽ حڪومتي ھوڏ

سنڌ جا وڪيل ھن وقت سراپا احتجاج بڻيل آھن ته ايس ايس پي حيدرآباد کي فوري ھٽايو وڃي جنھن ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ  هڪ وڪيل سان بدتميزي سان پيش ۽ مٿس ڪيس پڻ داخل ڪيو. جنھن کان پوءِ پوليس ۽ وڪيل برادري جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ تڪرار جو دائرو ھن وقت سڄي سنڌ تائين وڌي چڪو آھي، پر ٻئي پاسي وقت جا حڪمران پڻ پنھنجي ھوڏ تي قائم آھن. ھڪڙي قانون جي شاگرد جي حيثيت ۾ انھيءَ ڏس ۾ ڏسجي ته وڪيل جيڪي سماج جي سڀني فردن، ادارن وغيره کان ان ڪري به چڱي ريت واقف ھوندا آھن، جو ھو قانون جي ڄاڻ رکندا آهن ۽ انھن کي اھا پڻ چڱي ريت پرک ھوندي آھي ته ان قانون تي عمل ڪيئن ۽ ڪھڙي طريقي سان ٿيئڻو آھي.

جڏھن پوليس سميت ڪو به پبلڪ ٽئڪس تي ھلندڙ ادارو پنھنجا پيشوراڻا فرض سرانجام ڏيڻ بدران ڪنھن به ڌر جي سڌي ريت ڪمداري ڪرڻ ۾ مصروف ھوندو ته پوءِ عام ماڻھو جي نظر ۾ انھن جي ساک بھتر ٿيڻ جو سوال ھرگز نٿو پيدا ٿئي.، ھن وقت سنڌ جي ساڃاھ، سنڌ جو شعور وڪيل برادري جي ھن جائز احتجاج جي حمايت ٿو ڪري، تنھنڪري فوري طور وڪيل برادري جي مطالبن کي قبول ڪندي رياست کي اھو مثال قائم ڪرڻ گھرجي ته ڪھڙو به آفيسر، ادارو، فرد ڇو نه ھجي ان جو بنيادي ڪم ڪنھن جي ڪمداري ڪرڻ نه پر نج عوامي خدمت ڪرڻ ئي آھي.

 

آفتاب سليمان لغاري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.